ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پورهيت مزاحمت تحريڪ جي مرڪزي صدر مسرور شاهه سنڌ جو ورهاڱو ملڪي آئين جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي آئين ۾ لوڪل حڪومت ۽ بلدياتي نظام بابت واضح معاملو موجود آهي، آئين جي آرٽيڪل 140-A ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته هر صوبو پنهنجي قانونسازي ذريعي مقامي حڪومتن جو نظام قائم ڪندو ۽ خاص اختيار هيٺ منتقل ڪندو يعني مقامي حڪومتن ۽ بلدياتي نظام جو ٽين درجي طور تعلق صوبن سان آهي.
فيس بُڪ تي هڪ پوسٽ ۾ مسرور شاهه چيو ته وفاقيت جي اصول تحت صوبا خودمختيار رياستون آهن، جن وفاق کي جوڙيو آهي، ان ڪري انهن جي جاگرافيائي وحدت کي تحفظ حاصل آهي، جيئن آئين ۾ وفاق کي ٽوڙڻ جي گنجائش ناهي، اهڙي طرح صوبن کي به ٽوڙڻ جي گنجائش ناهي، سواءِ ان صورت جي جڏهن صوبو پاڻ پنهنجي ڪنهن حصي کي رضاڪاراڻي طور ٻئي صوبي يا وفاق کي ڏيڻ لاءِ ٻه ٽيون اڪثريت سان فيصلو ڪري.
هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 239(4) ۾ صوبن جي حدن ۾ تبديلي جو ذڪر آهي، جيڪا صوبن جي رضامندي سان ممڪن آهي، جڏهن ته نون صوبن جي گنجائش ناهي، ان ڏس ۾ مقامي حڪومت انهن خودمختيار رياستن ۽ صوبن جو اندروني معاملو آهي.
هن چيو ته جڏهن 27هين ترميم ٿي رهي هئي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان پنهنجو تجويز ڪيل بل پيش ڪيو هو، جنهن ۾ آرٽيڪل 140-A ۾ ترميم جي ڳالهه ڪئي وئي هئي، جنهن ۾لوڪل گورنمينٽ کي خودمختيار حڪومت طور آئين ۾ تسليم ڪيو وڃي.
جيئن اين ايف سي ۾ وفاق ۽ صوبا مالياتي ورڇ ڪندا آهن، اهڙي طرح صوبائي مالياتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ وفاق ۽ صوبن سان گڏ خودمختيار لوڪل حڪومت کي به مالياتي ورڇ ۾ شامل ڪري انهن جا حصا مٿان کان طئي ڪيا وڃن.
لوڪل حڪومتن جون چونڊون ۽ نگران سيٽ اپ به وفاق ۽ صوبن جي طرز تي قائم ڪيا وڃن.
مسرور شاهه موجب، ان سڄي تجويز ڪيل بل جو مقصد سنڌ جي شهري علائقن، خاص طور تي ڪراچي کي خودمختيار حڪومت ۾ تبديل ڪرڻ هو، جيڪا پنهنجا معاملا سڌو وفاق سان ڪري، اها بنيادي وفاقي معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي، جنهن تحت خودمختيار رياستن ۽ صوبن پاڪستاني وفاق کي جوڙيو آهي، انهن خودمختيار رياستن ۽ صوبن کي عملي طور ٽوڙي مقامي حڪومت کي الڳ آئيني يونٽ طور تسليم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته جڏهن ايم ڪيو ايم پاڪستان 27هين ترميم ۾ اهو بل شامل نه ڪرائي سگهي ته ان طرفان بيان ڏنو ويو ته کين ضمانت ڏني وئي آهي ته 28هين ترميم ۾ ان کي شامل ڪيو ويندو.
مسرور شاهه چيو ته هن وقت نون صوبن، ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ ۽ سامونڊي پٽي کي فيڊرل ڊيولپمينٽ اٿارٽي حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون به اهڙي ئي سيٽ اپ ڏانهن وڌڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن،بنيادي هدف ڪراچي ۽ سامونڊي پٽيءَ تي قبضي جو آهي.
هن چيو ته حيرت جوڳي ڳالهه آهي ته هڪ ”قومپرست“ اڳواڻ ايف آءِ اي کي به اها صلاح ڏني ته نون صوبن بدران لوڪل حڪومتن کي خودمختيار ڪرڻ لاءِ آئيني ترميم ڪئي وڃي، جنهن سان پاڪستان جي سالميت کي خطرو پيش نه ايندو.
مسرور شاهه وڌيڪ چيو ته ٽرڪ جي بتي پويان هلائي موت ڏيکاريندي 28هين آئيني ترميم جي بخار تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جنهن ۾ درياهن تي ڪينال، اسٽريٽجڪ ڊيم ۽ اين ايف سي جي خاتمي جهڙا معاملا پڻ شامل هوندا.
ڪراچي ۽ سامونڊي پٽيءَ تي قبضي لاءِ سنڌ ورهائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي: مسرور شاهه
You might also like