هڪ سال اندر پاڪستان جو ملڪي قرض 59 هزار 440 ارب ۽ پرڏيهي قرض 242 کرب تائين پهچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مرڪزي حڪومت جو قرض مالي سال 2025-26 دوران 57.5 کرب رپيا وڌي ويو آهي، جنهن کانپوءِ جون 2026ع جي پڄاڻي تي اهو 836.4 کرب رپين تائين پهچي ويو.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب، گذريل مالي سال جي پڄاڻي تي مرڪزي حڪومت جو ڪُل قرض 778.9 کرب رپيا هو، جنهن ۾ هڪ سال دوران 7.4 سيڪڙو واڌارو ٿيو.
ماهوار بنيادن تي به جون دوران حڪومتي قرض ۾ 3.86 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي انگن اکرن موجب، جائزي هيٺ مالي سال دوران حڪومتي قرض ۾ واڌ جو وڏو سبب ملڪي قرضن ۾ اضافو هو.
ان عرصي دوران ملڪي قرض 9.1 سيڪڙو وڌيو، جڏهن ته پرڏيهي قرض ۾ 3.3 سيڪڙو اضافو ٿيو.
جون 2026ع جي پڄاڻي تي حڪومت جو ملڪي قرض 59 هزار 440 ارب رپيا هو، جيڪو هڪ سال اڳ 54 هزار 470 ارب رپيا هو. رڳو هڪ مهيني دوران ملڪي قرض ۾ 3.24 سيڪڙو اضافو ٿيو.
ٻئي پاسي حڪومت جي پرڏيهي قرضن ۾ به گذريل مالي سال دوران واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
جولاءِ 2025ع کان جون 2026ع دوران پرڏيهي قرض 242 کرب رپين تائين پهچي ويو، جڏهن ته جون 2025ع جي پڄاڻي تي اهو 234.20 کرب رپيا هو.

You might also like