ڳاڙهي سمنڊ ۾ واپاري جهاز تي حوثي باغين جي حملي ۾ 3 پاڪستانين جي شهيد ٿيڻ جي تصديق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڳاڙهي سمنڊ ۾ هڪ واپاري جهاز تي حملي جي نتيجي ۾ ٽن پاڪستانين جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.
اسحاق ڊار پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ ڳاڙهي سمنڊ ۾ هڪ واپاري جهاز تي حملي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته هينئر تائين دستياب ڄاڻ موجب، ان واقعي ۾ 3 پاڪستاني شهري شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته هڪ زخمي آهي.
هن شهيدن پونيئرن خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان هڪ غير فوجي واپاري جهاز تي حوثي حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو.
اسحاق ڊار چيو ته اهڙي قسم جا حملا بيگناهه جانين کي خطري ۾ وجهن ٿا، بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي آهن ۽ سامونڊي چر پر جي آزادي، سامونڊي سلامتي ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾ واپاري جهاز راني جي تحفظ لاءِ سنگين خطرو آهن.
اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته واقعي بابت وڌيڪ تفصيل حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان لاڳاپيل سعودي اختيارين ۽ يمن جي بين الاقوامي طور تي تسليم ٿيل حڪومت سان رابطي ۾ آهي.
هن چيو ته پاڪستان جي صورتحال تي گهري نظر آهي ۽ لاڳاپيل اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ رهندو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن يمن جي ڪوسٽ گارڊ اختيارين تصديق ڪئي هئي ته باب المندب ويجهو هڪ ڪارگو جهاز تي حملي ۾ مارجي ويلن جو انگ 6 ٿي ويو آهي.
ڪوسٽ گارڊ الزام لڳايو آهي ته اهو حملو ايراني حمايت يافته حوثي باغين ڪيو هو.

You might also like