اسلام آباد/لاهور(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير سميت مختلف سياسي اڳواڻن ڪراچي سان تعلق رکندڙ ميڊيا هائوسز تي سخت تنقيد ڪندي الزام مڙهيو آهي ته اهي سنڌ ۾ ٿيندڙ ڏوهن کي تمام گهڻو نمايان ڪري هلائن ٿا، جڏهن ته پنجاب ۾ پيش ايندڙ سنگين واقعن کي دٻايو يا گھٽائي ڏيکاريو ويندو آهي.اڳواڻن پنجاب ۾ پيش آيل چند سنگين واقعن جي نشاندهي ڪئي آهي، جن ۾ 17ورھين جي آمنا ۽ 22 ورھين جي انمول جي پوليس تحويل ۾ پراسرار فوتگي.پنجاب جي ڪرائيم ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ (CCD) سان لاڳاپيل 900 کان وڌيڪ ماڻهن جي مارجي وڃڻ ۽ زنا جي بي شمار ڪيسن جا واقعا شامل آهن.مبصرن جو چوڻ آهي ته ٻنهي صوبن جي واقعن کي رپورٽ ڪرڻ دوران ميڊيا جي لهجي ۾ واضح فرق نظر اچي ٿوجڏهن ڪراچي ۾ ڪو واقعو پيش اچي ٿو ته پوليس ۽ انتظاميا تي سخت ڪڙي نظر رکي ويندي آهي ۽ ان کي حڪومتي نااهلي قرار ڏنو ويندو آهي.جڏهن ته لاهور يا پنجاب جي ٻين شهرن ۾ پوليس تحويل دوران فوتگيون ٿين ٿيون ته شروعاتي رپورٽن ۾ ان کي "دل جو دورو قرار ڏئي حقيقتن کي گهمايو ويندو آهي، جيتوڻيڪ انهن معاملن تي جوڊيشل انڪوائري پڻ هلندڙ هوندي آهي. اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته ملڪ جي ڪجهه وڏن نيوز چينلن ۽ اينڪرن ۾ پي پي پي خلاف تعصب کي نظرانداز ڪرڻ ڏکيو آهي. هو ڪراچي جي مخصوص ڏوهن کي 24 ڪلاڪ سنسني خيز بڻائي ڏيکارين ٿا، جڏهن ته لاهور ۾ ٻن معذور نياڻين سان اجتماعي زيادتي ۽ قتل جهڙن خوفناڪ سانحن سان گڏ سوين ٻين قتلن کي به هوشياريءَ سان نظرانداز ڪيو وڃي ٿو.جڏهن ته محمد زبير لاهور پوليس جي حراست ۾ ٻن عورتن جي پراسرار طور فوت ٿيڻ واري رپورٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٻنهي عورتن کي هڪ ئي وقت دل جو دورو پوڻ سبب فوتگي ڄاڻائي وئي آهي،سوشل ميڊيا تي صحافي هارون الرشيد لکيو ته پوليس هٿان عورتن جو قتل مريم نواز جو امتحان آهي،مريم نواز چوي ٿي ته عورتون منهنجي ريڊلائنز آهن پوءِ ايتري خاموشي ڇو آهي؟اسد چوڌري لکيو ته ٻنهي عورتن کي گڏ دل جو دورو پيو،پنجاب پوليس اسڪرپٽ ته نئون لکي ها،جهوپڙين ۾ رهندڙ غريب ناريون هيون،انهن جي موت تي جيو نيوز پرائم ٽائم ۾ شو نه هلائيندي،احمد وڙائچ لکيو ته ڪراچي جي مير رضا جي دردناڪ قتل تي ميڊيا خبرون ڏئي رهي آهي،جاچ ٽيم تبديل ٿي رهي آهي،عدالت نوٽيس وٺي رهي آهي،پاڪ پتن جي آمنه ۽ انمول تي خاموشي آهي،ٿاڻي ۾ زنده ويون،مرده واپس آيون،ميڊيا چپ آهي،اظهر خان لکيو ته اجتماعي خودڪشيون، شاديون، دعائون ۽ جنازا ته ٻڌا هئا پر اجتماعي هارٽ اٽيڪ شايد پاڪستان جي تاريخ جو پهريون واقعو آهي،صحافي اسد علي طور لکيو ته نوجوان نارين جي هڪ ئي ٿاڻي ۾ هڪ ئي وقت ۾ دل جي دوري سان موت پنجاب ۽ لاهور پوليس کي هڪ اهڙو انوکو ايوارڊ ڏنو آهي جنهن تي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز کي گورننس ايڪسلينس ايورڊ پهرين فرصت ۾ ملڻ گهرجي