پيپلز پارٽي جو ڪردار: حڪومتي حامي يا مخالف ڌر؟

عبدالمجيد نائچ

پاڪستان جي موجوده سياسي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي جي ڪردار بابت هڪ اهم سوال وري اڀري سامهون آيو آهي ته ڇا پيپلز پارٽي واقعي حڪومت جي اتحادي هجڻ باوجود اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، يا اها رڳو هڪ اهڙي ”مصنوعي اپوزيشن“ بڻجي چڪي آهي، جيڪا حڪومت جي اندر به آهي ۽ ٻاهر به؟ پيپلز پارٽي جي هڪ اڳواڻ جو تازو اهو دعويٰ ڪرڻ ته ”جيڪو ڪم اپوزيشن جو هو، اهو پيپلز پارٽي انجام ڏنو آهي“، يقيني طور سياسي بحث کي نئون رخ ڏئي ٿو، پر ساڳئي وقت اهو سوال به پيدا ڪري ٿو ته جيڪڏهن پارٽي واقعي اپوزيشن وارو ڪردار ادا ڪري رهي هئي ته ان جو احساس آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ گهربل نتيجا حاصل نه ٿيڻ کان پوءِ ئي ڇو ٿيو؟

آزاد ڪشمير جي چونڊ مهم دوران پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا بيان خاص طور تي جارحاڻي نوعيت جا هئا. حڪومت تي تنقيد جي لهجي ۾ هن ڪيترن ئي موقعن تي اهڙو سخت موقف اختيار ڪيو، جيڪو عام طور تي ڪنهن حڪومت کان ٻاهر ويٺل اصل اپوزيشن پارٽي جي قيادت کان ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. پر سياسي حقيقت اها آهي ته پيپلز پارٽي پاڻ وفاقي حڪومت جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ حڪومت جي ساٿي جماعت پاران حڪومت خلاف اپوزيشن جهڙو سياسي محاذ کولڻ فطري طور تي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿو.

اها ڳالهه ڪنهن کان لڪل ناهي ته مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت صرف پنهنجي سياسي طاقت جي بنياد تي وجود ۾ نه آئي، پر پيپلز پارٽي جي حمايت به ان جي قيام لاءِ اهم ثابت ٿي. ان کان اڳ بلوچستان ۾ پڻ ٻنهي جماعتن گڏجي حڪومت قائم ڪئي. گلگت بلتستان ۾ پيپلز پارٽي کي مسلم ليگ (ن) جي حمايت حاصل رهي، جڏهن ته وفاق ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کي پيپلز پارٽي اهڙي سياسي سهڪار فراهم ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي والد آصف علي زرداري ملڪ جي صدر جي عهدي تي فائز ٿيا.

يقينن پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ٻه الڳ سياسي جماعتون آهن. ٻنهي جا پنهنجا منشور، سياسي مفاد، تنظيمي ڍانچا ۽ چونڊ حڪمت عمليون آهن. 1988ع کان پوءِ ٻنهي جماعتن کي ملڪ ۾ ٽي ٽي ڀيرا وفاقي اقتدار حاصل ٿيو. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ڊگهي عرصي کان اقتدار جو مرڪزي حصو رهي آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) جو سياسي اثر نمايان رهيو آهي. پنجاب ۾ نواز شريف کان پوءِ شريف خاندان جي سياسي تسلسل کي برقرار رکندي اڄ مريم نواز وزيراعليٰ جي عهدي تي فائز آهن.

ٻنهي جماعتن جي تاريخ رڳو اتحاد ۽ مفاهمت تائين محدود ناهي، پر سخت سياسي دشمني پڻ ان تاريخ جو اهم حصو رهي آهي. هڪ وقت هو جڏهن پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) هڪ ٻئي خلاف سخت ترين سياسي الزام لڳائينديون هيون. ڪرپشن جي الزامن تي هڪ ٻئي خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا، سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ اقتدار جي جنگ ڪيترن ئي مرحلن تي ذاتي دشمنيءَ جي حدن تائين به پهتي. آصف علي زرداري جي ڊگهي حراست به انهيءَ دور جي سياسي تاريخ جو حصو آهي.جنرل پرويز مشرف جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ صورتحال ۾ هڪ اهم تبديلي آئي. مشرف حڪومت ٻنهي وڏين سياسي جماعتن کي سياسي منظرنامي کان ٻاهر رکڻ لاءِ مختلف قدم کنيا، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي جماعتن جي قيادت کي جلاوطني اختيار ڪرڻي پئي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جيڪا سياسي دشمني ڪيترن ئي سالن تائين پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ موجود رهي، اها ئي مشرف دور ۾ آهستي آهستي مفاهمت ۾ تبديل ٿيڻ لڳي.

جنرل مشرف کان پوءِ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) لاءِ سڀ کان وڏو گڏيل سياسي امتحان پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ آيو. ٻنهي جماعتن جي قيادت پاڻ کي سياسي انتقام جو نشانو بڻجڻ جون شڪايتون ڪندي رهي. مختلف اپوزيشن جماعتن سان گڏجي ٻنهي پارٽين آخرڪار عمران خان جي حڪومت خلاف تحريڪ عدم اعتماد آندي، جنهن ذريعي آئيني طريقي سان حڪومت تبديل ٿي ۽ شهباز شريف وزيراعظم بڻيا. هن سڄي سياسي تاريخ کي نظر ۾ رکندي موجوده صورتحال وڌيڪ دلچسپ بڻجي وڃي ٿي. موجوده وفاقي حڪومت جي قيام ۾ پيپلز پارٽي جو بنيادي ڪردار رهيو آهي، پر ان حڪومت ۾ پيپلز پارٽي سڌيون وفاقي وزارتون قبول ڪرڻ بدران اهم آئيني ۽ رياستي عهدن تي ڌيان ڏنو. حڪومت کي آئيني ترميمن جي منظوري لاءِ به پيپلز پارٽي جي حمايت جي ضرورت رهي ۽ ٻنهي جماعتن گڏجي اڍائي سالن کان وڌيڪ سياسي سفر به طئي ڪيو آهي.

اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن پيپلز پارٽي حڪومت جي اتحادي هجڻ باوجود پاڻ کي اپوزيشن طور پيش ڪري ٿي ته اهو سوال پيدا ٿيڻ لازمي آهي ته پوءِ حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ حد فاصل ڪٿي بيهي ٿي؟ ڇا ڪنهن حڪومت کي اقتدار ۾ رهڻ لاءِ سهارو فراهم ڪرڻ ۽ ساڳئي حڪومت خلاف عوامي سطح تي سخت سياسي مهم هلائڻ هڪ ئي وقت ممڪن آهي؟ جيڪڏهن ممڪن آهي ته ان کي سياسي حڪمت عملي چئجي يا سياسي تضاد؟آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي گهربل ڪارڪردگي سامهون نه اچڻ کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري جو وفاقي حڪومت خلاف سخت لهجو پڻ سياسي حلقن ۾ بحث جو موضوع بڻيو آهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي کي واقعي حڪومت جي پاليسين تي اعتراض آهي ته پوءِ ان اعتراض کي اتحاد جي اندر ادارتي ۽ سياسي سطح تي ڪيتري حد تائين اٿاريو ويو؟ ۽ جيڪڏهن اختلاف ايترا ئي شديد آهن ته پوءِ اتحاد جي مستقبل بابت پارٽي جو واضح موقف ڇا آهي؟

ٻئي طرف، پاڪستان جي موجوده سياسي منظرنامي ۾ اصل اپوزيشن جو ڪردار پي ٽي آءِ وٽ آهي. پي ٽي آءِ جا سياسي اختلاف، حڪومت خلاف احتجاج، عدالتن ۾ قانوني جنگ ۽ عوامي مهم ڪنهن حد تائين ان کي حقيقي اپوزيشن جي حيثيت ڏين ٿا. ان جي ڀيٽ ۾ پيپلز پارٽي جو ڪردار وڌيڪ پيچيده نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته اها هڪ ئي وقت حڪومتي اتحاد جو حصو پڻ آهي ۽ حڪومت خلاف تنقيد ڪندڙ سياسي قوت طور پڻ سامهون اچي رهي آهي. هن صورتحال جو هڪ ٻيو اهم پاسو پنجاب جي سياست آهي. پيپلز پارٽي لاءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڏو سياسي چئلينج هاڻي صرف مسلم ليگ (ن) ناهي. گذريل ڪجهه سالن ۾ پي ٽي آءِ پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جي روايتي سياسي جڳهه کي پڻ متاثر ڪيو آهي. پنجاب جي ڪيترن ئي حلقن ۾ پيپلز پارٽي جو ووٽ بئنڪ محدود ٿيو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي اڀار ٻنهي روايتي وڏين جماعتن لاءِ نئون سياسي چئلينج پيدا ڪيو آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن پيپلز پارٽي مسلم ليگ (ن) خلاف سخت سياسي مهم هلائي ٿي ته ان سان پي ٽي آءِ کي به سياسي فائدو پهچي سگهي ٿو.

اهو پڻ ڏسڻو پوندو ته پيپلز پارٽي جي قيادت جو تازو جارحاڻو انداز مستقل سياسي حڪمت عملي آهي يا مخصوص چونڊ حالتن جو ردعمل. سياست ۾ اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ رڳو بيان ڏيڻ ڪافي ناهي؛ اپوزيشن لاءِ واضح پاليسي، مسلسل سياسي موقف ۽ اقتدار جي سوال تي اصولي فيصلو به ضروري هوندو آهي. جيڪڏهن هڪ جماعت حڪومت کي اقتدار ۾ رکڻ لاءِ ووٽ به ڏئي، آئيني ترميمون به منظور ڪرائي ۽ ساڳئي وقت عوام جي سامهون پاڻ کي حڪومت مخالف ڌر طور پيش ڪري ته عوام لاءِ ان جي اصل سياسي حيثيت سمجهڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ ميثاق جمهوريت جي تاريخ کي پڻ وسارڻ نه گهرجي. ان معاهدي جو بنيادي سبق اهو هو ته سياسي اختلاف جمهوريت جو حصو آهن، پر هڪ ٻئي کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ غير جمهوري قوتن جو سهارو وٺڻ ٻنهي جماعتن جي گڏيل مفاد ۾ ناهي. اڄ جيڪڏهن ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ ٻيهر سخت سياسي ڇڪتاڻ وڌي ٿي ته سوال اهو ٿيندو ته ڇا اها مقابلي واري سياست جمهوري نظام کي مضبوط ڪندي يا رڳو ٻنهي جماعتن کي هڪ ٻئي خلاف سياسي نقصان پهچائيندي؟

حقيقت اها آهي ته پاڪستاني سياست ۾ پيپلز پارٽي جو ڪردار هميشه هڪجهڙو نه رهيو آهي. ڪڏهن اها مسلم ليگ (ن) جي سخت مخالف رهي آهي، ڪڏهن ساڻس گڏ حڪومت ۾ رهي آهي، ڪڏهن ان جي حڪومت کي سياسي سهارو ڏنو آهي ۽ ڪڏهن سخت تنقيد به ڪئي آهي. ساڳئي طرح مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ به سياسي لاڳاپن جو محور وقت ۽ حالتن سان تبديل ٿيندو رهيو آهي.تنهن ڪري موجوده صورتحال ۾ اصل سوال اهو ناهي ته پيپلز پارٽي حڪومت تي تنقيد ڪري رهي آهي يا نه؛ اصل سوال اهو آهي ته اها پنهنجي سياسي حيثيت بابت ڪيتري واضح آهي. جيڪڏهن پارٽي حڪومت جي اتحادي آهي ته پوءِ ان کي اتحادي طور پنهنجي اختلافن جو اظهار ڪرڻ گهرجي ۽ عوام کي ٻڌائڻ گهرجي ته ڪهڙين پاليسين تي حڪومت سان اتفاق آهي ۽ ڪهڙين تي اختلاف. جيڪڏهن پارٽي واقعي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي ته پوءِ ان کي اقتدار جي موجوده اتحاد بابت به واضح سياسي فيصلو ڪرڻو پوندو.

You might also like