”هر فائدي لاءِ انتهائي ضروري خوراڪ“ وري ٿوري کائڻ سان عمر وڌي ٿي!

اڄڪلهه بازار ۾ پروٽين سان ڀرپور شيون، جهڙوڪ جوس، ڪافي، پاڻي ۽ ٻيون خوراڪ واريون شيون تيزيءَ سان مقبول ٿي رهيون آهن، پر هڪ نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ وڌيڪ پروٽين بدران محدود مقدار ۾ پروٽين جو استعمال صحت ۽ ڊگهي عمر لاءِ وڌيڪ فائديمند ٿي سگهي ٿو.

31 جولاءِ تي ’سيل پريس بليو‘ نالي تحقيقي رسالي ۾ ڇپيل هن جائزي ۾ 350 کان وڌيڪ تحقيقن جو تجزيو ڪيو ويو، جن ۾ پروٽين جي گهٽ مقدار ۽ وڌندڙ عمر وچ ۾ لاڳاپي جو جائزو ورتو ويو.

تحقيق موجب پروٽين جي محدود مقدار جسم جي ميٽابولزم کي بهتر بڻائڻ، خلين جو غذائي جزن تي ردعمل متوازن رکڻ، خلين کي ٿيندڙ نقصان گهٽائڻ ۽ خلين جي معمول واري ڪارڪردگي برقرار رکڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿي، جيڪو گڏيل طور صحتمند ۽ ڊگهي زندگي لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.

تحقيق جي مک ليکڪ ۽ يونيورسٽي آف وسڪنسن-ميڊيسن سان لاڳاپيل ڊڊلي ليمنگ چيو ته جسماني ورزش ڪندڙ ۽ سرگرم ماڻهن لاءِ پروٽين عضلن جي واڌ ۽ ورزش جا نتيجا بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته گهڻا ماڻهو جسماني طور تي ايترا سرگرم ناهن، تنهن ڪري ممڪن آهي ته اهي پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ پروٽين استعمال ڪري رهيا هجن، جنهن جا صحت تي ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا.

ماهرن موجب هر ماڻهو جي پروٽين جي ضرورت سندس عمر، صحت، جسماني سرگرمي ۽ زندگي گذارڻ جي طريقي مطابق مختلف هوندي آهي. تنهن ڪري متوازن غذا اختيار ڪرڻ ۽ ماهرن جي رهنمائي موجب پروٽين استعمال ڪرڻ ئي بهتر حڪمت عملي آهي.

You might also like