چين ۾ هڪ هاري دعويٰ ڪئي آهي ته هٿرادو ڏاهپ (AI) جي مددگار پاران جيت مار دوا جي استعمال بابت ڏنل مشوري تي عمل ڪرڻ کان پوءِ سندس 25 ايڪڙ فصل رات و رات تباهه ٿي ويو.
مقامي رپورٽن موجب، چين جي آن هُوئي صوبي جي چوزائي شهر سان تعلق رکندڙ 67 ورهين جو هاري گذريل هڪ سال کان زرعي معاملن ۾ هٿرادو ڏاهپ تي ڀاڙيندو رهيو. هو فصلن جي سار سنڀال، ڀاڻ ڏيڻ کان وٺي زرعي سرگرمين جي رٿابندي تائين مختلف معاملن ۾ هٿرادو ڏاهپ کان مشورا وٺندو هو.
شروعات ۾ هٿرادو ڏاهپ جي مشورن مان کيس فائدو ٿيندو رهيو، جنهن سبب سندس اعتماد وڌندو ويو. انکانپوءِ هن ڪنهن زرعي ماهر کان تصديق ڪرائڻ کان سواءِ هٿرادو ڏاهپ جي هدايتن تي اکيون ٻوٽي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو.
همراهه جا ڇيهه تڏهن ڇڄي پيا، جڏهن هاري ترن جي فصل ۾ گاهه ۽ جيتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اي آءِ کان بهترين علاج بابت مشورو ورتو. اي آءِ پاران تجويز ڪيل ڪيميائي دوا استعمال ڪئي وئي، پر نتيجو انتهائي تباهه ڪندڙ نڪتو ۽ ٻنيءَ ۾ موجود فصل جا ننڍا ٻوٽا سڀ سڙي ويا.
زرعي ماهرن موجب، هن نقصان جو وڏو سبب فلوفيناسيٽ نالي گاهه مار دوا بڻجي، جيڪا جيڪڏهن انتهائي احتياط ۽ مقرر طريقي سان استعمال نه ڪئي وڃي ته ترن جي فصل لاءِ پڻ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي.
اهڙيءَ ريت هڪ اهڙو هاري، جيڪو هڪ سال تائين هٿرادو ڏاهپ جي مشورن مان فائدو وٺندو رهيو، هڪ غلط مشوري سبب وڏي مالي نقصان کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويو.
هي واقعو هڪ ڀيرو ٻيهر اهو سوال اٿاري ٿو ته ڇا زرعي ۽ ٻين حساس شعبن ۾ هٿرادو ڏاهپ تي مڪمل ڀاڙڻ محفوظ آهي؟
ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙين حالتن ۾ هٿرادو ڏاهپ جي مشوري کي آخري فيصلو سمجهڻ بدران سند يافته زرعي ماهرن ۽ فصلن جي ڄاڻ رکندڙ ماهرن کان تصديق ڪرائڻ ضروري آهي.