ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي بينظير جي قاتلن کي پڪڙي نه سگهي، اها عوام کي ڪهڙو انصاف ڏياريندي؟
حافظ نعيم الرحمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مير رضا ڪيس ۾ سنڌ پوليس جو سڄو نظام وائکو ٿي ويو آهي، ڪنهن جو دٻاءُ آهي ته اهو سامهون اچڻ گهرجي.
پيٽرول اگهن ۾ لاٿ بابت جماعت اسلامي جي امير چيو ته جيڪي ماڻهو سوال ڪن ٿا ته پيٽرول جي قيمت ڪيئن گهٽ ٿيندي، انهن کي گذارش آهي ته هو ٿورو پڙهي وٺن، جهالت تي ٻڌل بيان ڏيڻ سان ڪو مسئلو حل نٿو ٿئي، 80 رپين جي ليوي جو تيل اگهن سان ڪهڙو واسطو آهي؟
هن چيو ته هڪ خاص قسم جو طبقو مراعتون حاصل ڪري ٿو، باقي ماڻهو پريشان رهن ٿا، موجوده حڪومت هڪ سال دوران 1900 ارب رپيا ليوي جي مد ۾ اوڳاڙيا آهن، ليوي جون قيمتون اهڙي نموني وڌائين ٿا ڄڻ اها سندن گهر جي حڪومت هجي.
حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته ماڻهن کي نه امن ملي رهيو آهي ۽ نه روزگار، هي نظام نااهلي جو شاهڪار آهي، نظام جي ناڪامي جو اعتراف ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، قدم به کڻڻا پوندا.
سندس چوڻ هو ته آمرن جا ڪهڙا سهولتڪار رهيا ۽ ڪير چونڊن تي قابض رهيو، اهو سامهون اچڻ گهرجي، خبر پوڻ گهرجي ته ڪير ڪنهن جي ذريعي ايوانن ۾ اچي ٿو.
هن چيو ته 2014ع ۽ ڪراچي جي مڪاني چونڊن ۾ عوام جي راءِ موجب حڪومتون نه ٺهيون، ماڻهن جي مرضي موجب فيصلا نه ڪنداسين ته اعتماد جو بحران پيدا ٿي ويندو.
پيپلز پارٽي بينظير جي قاتلن کي نه پڪڙي سگهي، عوام کي ڪهڙو انصاف ڏياريندي؟ حافظ نعيم
You might also like