سون جي اگهه کي بريڪ نه لڳي، تولو 4 لک 59 هزار کان ٽپي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، اڄ به في تولي سون جي اگهه ۾ سوين رپين جو واڌ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولي سون 2400 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 59 هزار 736 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون جي قيمت 1205 رپين جي واڌ سان 3 لک 94 هزار 149 رپيا ٿي وئي آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون جي قيمت 24 ڊالرن جي اضافي سان 4 هزار 373 ڊالر ٿي وئي آهي.

 

You might also like