”َََتيل اگهن ۾ روز روز ڦيرڦار قبول ناهي“، پيٽروليم ڊيلرز جو حڪومت کي 72 ڪلاڪن جو الٽيميٽم، پمپ بند ڪرڻ جو چتاءُ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن مطالبن جي منظوري لاءِ حڪومت کي 72 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو.
ايسوسيئيشن جي چيئرمين ملڪ خدا بخش چيو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ روزاني بنياد تي ٿيندڙ ڦيرڦار ڪاروبار کي متاثر ڪري رهي آهي.
ايسوسيئيشن چيئرمين مطالبو ڪيو ته ڊيلرز جو مارجن 8 سيڪڙو ڪيو وڃي، هن الٽيميٽم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن حڪومت 72 ڪلاڪن اندر مطالبا نه مڃيا ويا ڪيا ته پيٽرول پمپ بند ڪري ڇڏينداسين.
ٻئي پاسي آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اونرز ايسوسيئيشن جي هڙتال پڻ جاري آهي.
گڊز ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن جي صدر موجب، جيستائين مطالبا قبول نه ڪيا ويندا، تيستائين ڦيٿو جام هڙتال جاري رهندي.

You might also like