اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت هارون اختر جي وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت صلاحڪار طور مقرري جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن تحت کيس وفاقي وزير جو درجو حاصل هوندو.
هارون اختر جي مقرري صدر طرفان ڪئي وئي، جڏهن ته ڪابينا ڊويزن ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي.
هارون اختر فوري طور وزيراعظم جي صلاحڪار طور پنهنجون ذميواريون سنڀاليندو ۽ صنعت ۽ پيداوار جو قلمدان پڻ سندس حوالي هوندو.