يوٽيوب ڪمائي جو نئون فارمولو، شرطون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ئي پئسا ملندا

جڳ مشهور وڊيو شيئرنگ سروس يوٽيوب تان دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو واڌو آمدني حاصل ڪري رهيا آهن.
هاڻي يوٽيوب وڊيوز ذريعي پئسا ڪمائڻ جي خواهشمند ماڻهن لاءِ يوٽيوب هڪ پرڪشش پليٽ فارم بڻجي چڪو آهي.
سڄي دنيا ۾ اربين ماڻهو وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم کي استعمال ڪري رهيا آهن ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو تخليقي سوچ رکندڙ ماڻهن لاءِ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ هي بهترين جاءِ آهي.
يوٽيوب پارٽنر پروگرام جو حصو بڻجي هر ماڻهو هن وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم تان پئسا ڪمائي سگهي ٿو.
پر هاڻي کوڙ ماڻهن لاءِ يوٽيوب تان پئسا ڪمائڻ سولو نه هوندو، ڇو ته ڪمپني سخت شرط لاڳو ڪري ڇڏيا آهن.
واضح رهي ته يوٽيوب مونيٽائيزيشن ذريعي واهپيدارن کي اشتهارن، چئنل جي ميمبرشپ، سپر چيٽ ۽ مرچنڊائز مان پئسا ڪمائڻ جو موقعو ملي ٿو.
انهن فيچرز کي ان لاڪ ڪرڻ لاءِ يوٽيوب پارٽنر پروگرام (واءِ پي پي) جو حصو بڻجڻ ضروري آهي.
ان لاءِ ڪجهه شرطن کي پورو ڪرڻو پوندو آهي ۽ هاڻي انهن شرطن کي اڳ کان وڌيڪ سخت ڪيو ويو آهي.
اڳ ۾ هن پليٽ فارم تان پئسا ڪمائڻ لاءِ ضروري هو ته واهپيدار جي چينل تي سبسڪرائبرز جو انگ هڪ هزار هجي، جڏهن ته سندس ڊگهي وڊيوز کي گذريل هڪ سال دوران 4 هزار ڪلاڪن کان وڌيڪ ڏٺو ويو هجي، پر هاڻي ان کي ٻيڻو ڪيو ويو آهي.
هاڻي هڪ سال دوران گهٽ ۾ گهٽ 8 هزار ڪلاڪن تائين وڊيو ڏسڻ جي صورت ۾ ئي توهان پارٽنرشپ پروگرام جو حصو بڻجي پئسا ڪمائي سگهندا، جڏهن ته يوٽيوب شارٽس لاءِ 90 ڏينهن دوران 2 ڪروڙ ويوز لازمي قرار ڏنا ويا آهن.
ان کان اڳ شارٽس مان ڪمائڻ لاءِ هڪ ڪروڙ ويوز جي شرط هئي.
هي نئين تبديلي پهرين فيبروري 2027ع کان لاڳو هوندي.
گوگل جو چوڻ آهي ته هن اپڊيٽ سان اهي واهپيدار متاثر نه ٿيندا، جيڪي اڳ ئي يوٽيوب پارٽنر پروگرام جو حصو آهن.
يوٽيوب طرفان اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته مستقبل ۾ شارٽس وڊيوز مان آمدني حاصل ڪرڻ لاءِ واهپيدارن کي 90 ڏينهن اندر هڪ ڪروڙ ويوز برقرار رکڻا پوندا.
جيڪڏهن ائين نه ٿي سگهيو ته واهپيدار پارٽنر پروگرام جو حصو ته رهندو ۽ ڊگهي وڊيوز مان پئسا ڪمائي سگهندو، پر شارٽس وڊيوز مان آمدني ان وقت ئي ممڪن هوندي، جڏهن ٻيهر هڪ ڪروڙ ويوز حاصل ڪيا ويندا.
ڪمپني موجب، اهي تبديليون ان ڪري متعارف ڪرايون پيون وڃن ته جيئن يوٽيوب جي اڳڀرائي واري عمل جي رفتار برقرار رکي سگهجي.
هاڻي يوٽيوب تي روزانو 200 ارب کان وڌيڪ شارٽس ڏٺا وڃن ٿا، جڏهن ته رڳو ٽي وي تي ئي هڪ ارب ڪلاڪن جي برابر وڊيوز ڏٺيون وڃن ٿيون.
پر نين تبديلين سان واهپيدارن لاءِ يوٽيوب پارٽنر پروگرام جو حصو بڻجڻ ۽ ان ۾ پنهنجي جاءِ برقرار رکڻ ڏکيو ٿي ويندو، خاص طور تي شارٽس وڊيوز پوسٽ ڪندڙن لاءِ.

 

You might also like