دبئي (ويب ڊيسڪ) ٻه ڀيرا عالمي چيمپيئن رهندڙ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ 2027 لاءِ سڌي ريت ڪواليفاءِ نه ڪري سگهي ۽ لڳاتار ٻيو ڀيرو ڪواليفائر کيڏندي.
واضح رهي ته 30 سيپٽمبر تائين ٻن ميزبان ملڪن ڏکڻ آفريڪا ۽ زمبابوي کانسواءِ ٽاپ 8 ٽيمون سڌي ريت ڪواليفاءِ ڪنديون، جڏهن ته افغانستان بيلفاسٽ ۾ آئرلينڊ کي شڪست ڏئي سڌي ريت ورلڊ ڪپ ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي.
آسٽريليا، ڀارت، نيوزيلينڊ، پاڪستان، سريلنڪا، انگلينڊ، بنگلاديش، ڏکڻ آفريڪا ۽ زمبابوي سڌي ريت ڪواليفاءِ ڪري چڪا آهن.
عالمي ڪپ لاءِ 10هين نمبر تي موجود ويسٽ انڊيز کي ڪٽ آف تاريخ تائين ڀارت خلاف ٻه ون ڊي ميچون کيڏڻيون آهن، پر ٻنهي ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ باوجود به ويسٽ انڊيز سڌي ريت ڪواليفاءِ نه ڪري سگهندي.
ويسٽ انڊيز کي ايندڙ سال فيبروري ۾ ورلڊ ڪپ ڪواليفائر کيڏڻو پوندو، جڏهن ته ويسٽ انڊين ٽيم پهريون ڀيرو 2023ع واري ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي هئي.
فيبروري ۾ شيڊيول ڪواليفائر جي فاتح ٽيم سڌي ريت ورلڊ ڪپ جي ٻئي مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪندي، جڏهن ته ٻي، ٽين ۽ چوٿين نمبر تي ايندڙ ٽيمون سپر سيريز کيڏنديون ۽ ٽاپ ٽيم ٻئي مرحلي ۾ پهچندي.
ڪمال کي زوال، ٻه ڀيرا عالمي چيمپيئن ويسٽ انڊيز ورلڊ ڪپ 2027 لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهي!
You might also like