مال روڊ تي سيڪيورٽي اهلڪار تي فائرنگ، حملو ڪندڙ پي ٽي آءِ جو ڪارڪن هو: عطا تارڙ جو الزام

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اڱاري ڏينهن راولپنڊي ۾ مال روڊ تي هڪ سيڪيورٽي اهلڪار تي فائرنگ ڪئي وئي آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير اهو الزام پڻ لڳايو ته سيڪيورٽي اهلڪار تي فائرنگ ڪندڙ شخص سياسي جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جو ڪارڪن هو.
هن چيو ته ”پي ٽي آءِ جي ڪارڪن وٽان پارٽي جو جهنڊو ۽ ٻيا دستاويز پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.“
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ طرفان اڃا تائين ان حوالي سان ڪو به ردعمل سامهون ناهي آيو.

You might also like