4 صوبا نٿا هلن ته 20 صوبا ڪيئن هلائي سگهندا:اياز پليجو

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز پليجو چيو آهي ته اسان وڪيل آهيون،سياسي ڪارڪن آهيون،اسان پنهنجو ڪيس وڙهڻ کان ڪڏهن به نه ڀڄندا آهيون،پنهنجي ڪيس کان اهو ڀڄندو جنهن وٽ دليل نه هجن،اين سي سي آءِ ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جي 8 ڪروڙ ماڻهن جون دليون ۽ دماغ پنهنجي وطن جي تحفظ لاءِ دليلن سان ڀريل آهن،جڏهن ته سڏ ڪندا دليلن جا انبار هوندا،هن چيو ته آئون چوان ٿو ته جنهن زمين تي بيٺو آهيان اها زمين منهنجي آهي ان تي ڪاوڙجي پون ٿا،پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون پهرين اين سي سي آءِ وارن کان گهڻا سوال پڇيا،انهن جواب ڏنا،آفيسرن جو رويو هاڪاري ۽ احترام وارو هو،هن چيو ته اين سي سي آءِ وارن چيو ته اسان جو ادارو سوشل ميڊيا جي نگراني ڪري ٿو،مون انهن کي چيو ته پاڪستان ۾ ڏهه ويهه سال اڳ جيڪا سياسي قيادت هئي انهن ۾ اهي ڳالهيون نه هيون،ان زماني ۾ ذوالفقار علي ڀٽو،بينظير ڀٽو،رسول بخش پليجو،ولي خان،خان عبدالغفار خان،عطاءُ الله مينگل،بزنجو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا هئا،اهو انهن جو جمهوري حق هو،هن چيو ته مان وڪيل آهيان،آئين پاڪستان پڙهائيندو آهيان،هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتي،وسيلن جي ڳالهه ڪن ٿا،اهي تشدد جي ڳالهه نٿا ڪن،جيڪا شئي اسان جي آهي اها اسان جي هئڻ گهرجي،جيڪا پنجاب جي ڀائرن جي آهي اها انهن جي هئڻ کپي،هن چيو ته مون کان پڇيو ويو ته نون صوبن جي باري ۾ توهان جي راءِ ڇا آهي؟مون ٻڌايو ته چار صوبا اسان کان سنڀالجن نٿا،سنڌ جي ٻن ٽن ضلعن ۾ جن جا بارڊر ٻين صوبن سان ملن ٿا اتان جون وڏيون شخصيتون ڪانواءِ کانسواءِ پنهنجي ڳوٺ نٿيون وڃي سگهن،مون کين چيو ته ڇا توهان صوبا ٺاهي اهڙن ماڻهن کي ڏئي ڇڏيندئو،جتي توهان جي رٽ ئي نه هلي،اسان مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي،قانون سازي ڪري ضلعن،تعلقن،ٽائونز،يوسيز کي توهان بااختيار بڻايو،هن چيو ته سنڌ اسان جو وطن آهي،اسان جي زمين آهي،پاڪستان اسان جو ملڪ آهي،ملڪ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ضروري آهي ته صوبن ۾ افراتفري نه هجي،ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ اڳ ۾ ئي مسئلا آهن،هاڻي ڪشمير ۾ به مسئلا آهن،سنڌ کي مسئلن ڏانهن نه ڌڪيو،سنڌ ۾ رهندڙ رڳو سنڌي نه پر مهاجر،پنجابي،پختون به پرامن آهن،هن چيو ته اين سي سي آءِ وارن مون کان ايڊريس ورتي ۽ چيو ته توهان کي انڪوائري لاءِ ڪجهه سوال موڪلينداسين انهن جا جواب ڏجو،مون لاءِ سنڌ لاءِ سوال اعزاز آهي،ان کان اڳ اياز لطيف پليجو ڪراچي ۾ جوھر چورنگي کان سوين ڪارڪنن سان گڏ اين سي سي آئي آفيس تائين پيادل مارچ ڪري پھتو، جوھر چورنگي پھچڻ تي گلن جي ورکا سان سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. کيس اجرڪون ۽ گلن جا ھار پارايا ويا. اياز لطيف پليجو سان يڪجهتي لاءِ ايس ٽي پي، جيئي سنڌ محاذ، ٽيم مشتاق سرڪي، علامه اياز ڪمي، سميت سوين ماڻھو پھتا. اياز لطيف پليجو سان وڪيل سرباز پليجو، عامر نواز وڙائچ سميت 6 ڄڻا اين سي سي آئي آفيس ويا. ان کان اڳ ۾ عوام کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته  سنڌ ھزارين سالن کان آھي. 3 ھزار سال اڳ منھوڙو ھو، ڪراچي ھو، ھي شھر اسان اڄ نه ٺاھيو آھي، ھزارين سالن کان اسان جي وڏن ٺاھيو آھي. جناح جھرڪ ۾ پيدا ٿيو، ان وقت ٺٽو ضلعو نه ھو، ڪراچي ھو، انڪري چيو وڃي ٿو ته  جناح .ڪراچي ۾ ڄائو. ڪراچي سنڌ ۾ آھي، سنڌ پاڪستان ۾ آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته  توھان اڄ ھتي آھيو، سڀاڻ ويزا ملڻ سان ڀڄي ويندا. اسان کي ھتي ئي رھڻو آھي ۽ رھنداسين،هن چيو ته  پاڪستان اسان جو آھي، جي ملڪ اسان جو آھي، اسان 1940 ۾ قرارداد پاس ڪري پاڪستان جا بنياد رکيا،هن چيو ته  اسان کي ٻڌايو ته توھان جي ڪھڙي پاليسي جي پويان ھلون. توھان جون روز پاليسيون تبديل ٿين ٿيون. توھان ملڪ غلام محمد جھڙي ذھني مريض کي گورنر ٺاھي ويھاريو. توھان صوبا ختم ڪري ون يونٽ ٺاھيو، توھان جي ڪھڙي پاليسي آھي جنھن تي 25 ڪروڙ عوام ھلي. توھان مارشلائون لڳايون. توھان چيو ته  مجيب کي سبق سيکارينداسين. توھان بلوچستان ۾ حڪومت تبديل ڪري ڇڏي. ولي خان، مري، بزنجو، بگٽي سان ڇا ڪيو. وري ضيا جو دور آيو. ھيروئن آئي، ھٿيار آيا، جيڪڏھن ضيا جي پاليسي درست ھئي ته  پوءِ ان کي جاري رکو. ھاڻ چئو ٿا ته  اھو ڪارو دور ھو. ڪڏھن چئو ٿا ته ٻٽو نظام، ڪڏھن چئو ٿا آمريت، ڪڏھن چئو ٿا جمھوريت درست آھي. ڪڏھن چئو ٿا ته  صدارتي نظام آڻينداسين. روز نيون پاليسيون جوڙيو ٿا. اياز لطيف پليجي چيو ته  پاڪستان ان ڪري ترقي نٿو ڪري جو توھان جي ڪا ھڪ پاليسي ناھي.ھاڻ چئو ٿا ته  صوبا ٺاھينداسين. ڇا صوبن ٺاھڻ سان ضرورتون گھٽجي وينديون. توھان کان 4 صوبا نٿا ھلن. بلوچستان، ڪي پي ڪي، ڪشمير ۾ حالتون خراب آھن. جيڪڏھن 20 صوبا ٺاھيندا ته  ڪٿي ڪنھن صوبي قرارداد پاس ڪئي ته  اسان کي پاڪستان سان گڏ ناھي رھڻو ۽ پوءِ ڀرواري ملڪ جي نيوي اچي مدد لاءِ بيھندي ته  ڇا چوندا ته  ڪجھ صوبن ۾ اسان جو ڪنٽرول آھي باقي تي دشمن جو ڪنٽرول آھي. ڀارت ۽ اسرائيل توھان کي نشانو بنائي رھيا آھن. هن چيو ته  اسان کي توھان صرف ان ڪري چاھيو ٿا ته  توھان کي اسان جي زمين گھرجي. اسان جا وسيلا گھرجن.اسان جو تيل، گئس، ڪوئلو گھرجي،هن چيو ته  اسان کي توھان جو سمنڊ نه گھرجي اسان وٽ پنھنجو سمنڊ آھي. اسان کي توھان جي زمين نه گھرجي اسان وٽ پنھنجي زمين آھي، اسان کي توھان جو ڪوئلو، تيل، گئس نه گھرجي، اسان وٽ پنھنجا وسيلا آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته  توھان اسان جو پاڻي بند ڪيو ويٺا آھيو. زرداري ، شھباز شريف ،اسيمبلي ميمبر صاحب توھان لاءِ سڄو پاڪستان برابر ھجڻ گھرجي، ھي اسان جا ماڻھو آھن، جو توھان جا ماڻھو آھن، اھا پاليسي نه ھلو،هن چيو ته  پاڪستان 2050 تائين ڪيئن ھجڻ گھرجي،توھان بھتر ماڻھو کڻي اچو. چئني صوبن مان 25/25 ماڻھو کڻي اچو.  بينظير انڪم سپورٽ جي نالي ۾ توھان عام ماڻھن کي فقير ٺاھي ڇڏيو آھي. انھن پئسن مان انڊسٽري لڳايو. پڙھيل لکيل ماڻھو کڻو، انھن کان پڇو ته  ملڪ جي ترقي ڪيئن ٿيندي. ترقي ھيٺان کان ايندي. ڳوٺ، شھرن جي ترقي سان ترقي ٿيندي. پر توھان چئو ٿا ته  اسان فيصلو ڪري ڇڏيو آھي،هن چيو ته  گرفتار ڪيل سمورا سياسي ۽ قومپرست ڪارڪن آزاد ڪيا وڃن،هن چيو ته سنڌ ۾ ميرٽ ناھي. نوجوان ڊگريون کڻي دربدر آھن. ميرٽ کي بحال ڪيو. ماڻھن کي انصاف ڏيو،ڪراچي ۾ ماڻھو پاڻي لاءِ دربدر آھن،امن ناھي.ڪراچي ۾ قتل ڪندڙن کي نوٽيس نٿا ڏنا وڃن. توھان ھنن کي صوبو ڏنو ته  اھي سڀاڻ ٻي ملڪ جي نيوي وٺي اچي وڙھندا. انڪري غلطي نه ڪيو،هن چيو ته  سنڌ جا ماڻھو امن پسند آھن، پر جڏھن دشمن سامھون ھوندو آھي ته  دولھ، درياھ خان ۽ ھوشو بڻجي مقابلا ڪندا آھن،سنڌ حڪومت فوري طور تي سنڌ ٽوڙڻ خلاف قرارداد پاس ڪري. اردو ڳالھائيندڙ اسان جا ڀائر آھن

You might also like