لاهور(سجاد انور ) پيپلز پارٽي اعلان ڪيو آهي ته اها نون ليگ سان پارليامينٽ ۾ ڪنهن به قسم جي قانون سازي تي تعاون نه ڪندي. ته هي شيءِ نون ليگ لاءِ هڪ وڏو بحران پيدا ڪري سگهي ٿي، ثابت ٿي سگهي ٿي. ٻنهي پارٽين ۾ جهيڙو وڌي رهيو آهي پر اپوزيشن جو چوڻ آهي ته هيءَ هڪ قسم جي ‘نورا ڪشتي’ آهي. تجزئي نگار چون ٿا ته انهن ٻنهي جماعتن جي ويڙهه اسٽيبلشمينٽ کي ڏيکارڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي ته جيئن اسٽيبلشمينٽ هي سمجهي ته پارليامينٽ ۾ اتحاد ئي ناهي، ته اهي ته ڪنهن قسم جي قانون سازي نٿا ڪرائي سگهن؟ ته هڪ طريقي سان 28هين ترميم ۽ نون صوبن جي ڳالهين کي اينگهائڻ لاءِ ناٽڪ هلي رهيو آهي؟ جڏهن ته 2024ع ۾ به اسٽيبلشمينٽ سان پ پ جي ڇڪتاڻ موجود هئي، ان وقت به محسن نقوي آصف علي زرداري سان رابطا ڪري هڪ رستو ڪڍيو هو. پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ کي ٻيهر هڪ اتحاد ڏانهن وڌڻو پيو.پيپلز پارٽي اڃا به چوي ٿي ته اتحاد ٺاهڻ لاءِ جيڪو معاهدو ڪيو ويو هو، ان تي پوريءَ طرح عمل ناهي ٿيو. مريم نواز جي انڪار سبب پنجاب ۾ٻنهي پارٽين جي اها ٽينشن ڪافي عرصي کان هلي رهي آهي گلگت بلتستان جي اليڪشن کان پوءِ ۽ ڪشمير جي اليڪشن ۾. ٻنهي پارٽين ۾ اختلاف وڌي ويا آهن،تازو محسن نقوي جي تجويزن تي پيپلز پارٽي سهڪار ڪرڻ لاءِ بالڪل تيار ناهي. نون ليگ پاران ڪجهه پيغام پهچايا ويا ته اچو ويهي ڳالهيون ڪريون، پر پيپلز پارٽي صاف انڪار ڪري ڇڏيو ،سنڌ ۾ نون صوبن جي ڳالهه تي اسٽيبلشمينٽ شهري سنڌ جي مطالبي جو ساٿ ڏئي رهي آهي جنهن سان پ پ تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي،مسلم ليگ نون کي ان جي ڪا پرواهه ناهي. مسلم ليگ نون کي اها پرواهه ضرور آهي ته اسٽيبلشمينٽ جن نئن چهرن کي پنجاب ۾ متعارف ڪرائڻ چاهي ٿي ۽ صوبا تقسيم ڪرڻ چاهي ٿي، اهي ان جي خلاف مزاحمت ڪري رهيا آهن. ان ڪري ته محسن نقويءَ خلاف رانا ثناءُالله کلي عام سامھون اچي ويو آهي. اسٽيبلشمينٽ کي سرمو پارائڻ لاءِ يا دوکو ڏيڻ لاءِ ٻئي جماعتون ئي هڪ ٻئي مٿان الزام لڳائينديون رهنديون هي ويڙهه ٽڪنڊي آهي.هڪ طرف اسٽيبلشمينٽ، هڪ طرف نون ليگ، هڪ طرف پيپلز پارٽي آهن، جڏهن ته نون صوبن تي اسٽيبلشمينٽ پوئتي هٽڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. صدر زرداري هن وقت ڪاوڙ ۾ آهن، هن اڃا تائين ججن جي سمريءَ تي صحيح ناهي ڪئي. ۽ معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، صدر چاهي ٿو ته عدالت ڀلي ڪهڙو به حڪم ڏئي،آئون ڏسي وٺندس،جڏهن ته ايوان صدر ۾ رڪارڊنگ جي خدشي سبب صدر زرداري لاهور ۾ محسن نقوي سان ملڻ پسند ڪيو،ٻنهي وچ ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون،ڪنهن تي اختلاف برقرار رهيو اهي سڀ شيون اڃا تائين ڳجهيون آهن،پر صدر زرداري اهو ضرور چيو هوندو ته اسان سنڌ ورهائڻ نه ڏينداسين. ان موقف تي پ پ اسٽيبلشمينٽ آڏو ڪيتري دير تائين ڄمي بيهندي اهو ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ لاءِ به طاقتور حلقن ۾ نرم گوشو پيدا ٿيڻ جو تاثر پيدا ڪيو ويو آهي جيئن ايندڙ قانون سازي جي سلسلي ۾ جيڪڏهن پ پ سهڪار نه ڪري ته پي ٽي آءِ کي گڏائي ترميم آڻي سگهجي، خبرون هلي رهيون آهن ته عمران خان کي بيماري سبب ڪيترائي ڀيرا پمز اسپتال آندو ويو،ڇهن مهينن کان اڪيلائي واري قيد سبب عمران خان جي طبيعت ۾ خرابي پيدا ٿي هوندي،عمران خان اڃا به مقبول آهي،آڇن باوجود هو ٻاهرين ملڪ نٿو وڃڻ چاهي، هو ڪنهن سان ڳالهائڻ نٿو چاهي پر هاڻي وقت تبديل ٿي ويو آهي،پ پ ۽ ن ليگ جي جهيڙي جو فائدو پي ٽي آءِ کي ٿي سگهي ٿو،شايد ڊگهي قيد ۾ رهڻ کانپوءِ عمران خان کي انهن ڳالهين جو اندازو ٿي ويو هجي،ان ڪري پي ٽي آءِ 27 سيپٽمبر تي لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي،