ملڪ ۾ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن قائم ڪرڻ واري سرڪاري بيانيي تي سنڌ جي ماڻهن ڪالهه ڪراچي ۾ پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته اهي سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ ٽوڙڻ نه ڏيندا ۽ هر امڪاني اعلان يا قانون سازي کي ٿڏي ڇڏيندا. قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه جناب اياز لطيف پليجو، جنهن کي وفاقي ايجنسي ڪالهه سندس هڪ بيان جي جاچ لاءِ ڪراچي طلب ڪيو هو، ان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هزارين جي تعداد ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي پٽن، ڌيئرن، مائرن، وڪيلن ۽ شاگردن جي آجيان واري پروٽوڪول ۾ جاچ اداري جي آفيس پهتو. هن علائقي ۾ پوليس جي وڏي نفري گاڏين سميت پهتل هئي، رستا بند ڪيا ويا هئا ۽ هڪ قسم جو خوف و هراس پيدا ڪيو ويو هو. هن کان ٽي ڏينهن اڳ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اياز لطيف پليجي جي حمايت ۽ سنڌ ٽوڙڻ واري سرڪاري بيانيي جي مخالفت ۾ جيڪي احتجاج ۽ مظاهرا ڪيا ويا هئا، تنهن ۾ پڻ ڪافي اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار ٿيا هئا.
قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه جي جاچ آفيس پهچڻ کان اڳ آجيان واري پروٽوڪول دوران پنهنجو پيدل سفر جاري رکندي صحافين جي سوالن جا جواب پڻ پراعتماد طريقي سان ڏيندو رهيو ۽ اهو ثابت ڪيو ته هو سنڌ ڌرتيءَ جو ۽ مرحوم سنڌي اڳواڻ رسول بخش پليجي ۽ جيجي زرينه بلوچ جي ٿڃ سان نڀائيندڙ سچو پٽ ۽ سپوت آهي. هن صاف چئي ڏنو ته سنڌ امڙ جي ٿڃ سان ڪڏهن به غداري نه ڪبي، ان جي وحدت لاءِ جان به قربان ڪبي. سنڌ هاڻي نئين سنڌ آهي ۽ نون جذبن سان پنهنجي وحدت قائم رکندي، ڪنهن به صورت ۾ ان کي ٽڪرائڻ ۽ ورهائڻ نه ڏبو. جيڪي سنڌ کي پنهنجي ماءُ ڌرتي نٿا سمجهن يا قبول ڪن، تن کي واپس اوڏانهن وڃڻ گهرجي جتان اهي آيا آهن. هن واضح اکرن ۾ چيو ته هو جاچ لاءِ پيش ٿيڻ کان ڇا ڊڄندو، ڊڄي اهو جنهن وٽ دليل نه هجن. هن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ احتجاجن دوران گرفتار ڪيل اڳواڻ ۽ ڪارڪن آزاد ڪيا وڃن، جن جو ڏوهه رڳو اهو آهي ته اهي پنهنجن حقن ۽ پاڻي جي وسيلن جي گهر ڪري رهيا هئا. جيتوڻيڪ جاچ اداري جي گيٽ وٽ عوامي هجوم جي موجودگي کي ڏسي کيس ڪجهه گهڙيون روڪيو ويو، پر بعد ۾ سندس وڪيلن سميت اندر اچڻ جي اجازت ملي. اندر ويو، اداري وارن جي چانهن پئي ٻاهر نڪتو، بقول سندس ته وڌيڪ جاچ لاءِ کيس گهر جي ايڊريس تي سوال موڪليا ويندا، جن جا هو جواب ڏيندو.
قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو جو وفاقي جاچ اداري ۾ پهچڻ، بِنَا خوف جي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ، آجيان واري پروٽوڪول ۾ لکين ماڻهن جي شرڪت ڪرڻ ۽ سنڌ جي وحدت لاءِ پرجوش نعرا هڻڻ، انهن قوتن ۽ سياسي ڌرين لاءِ هڪ قسم جو چئلينج ۽ پيغام آهي جيڪي سنڌ جي وحدت جي مخالفت ۾ ۽ سنڌ کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ جا خواب لئي رهيا آهن. ايم ڪيو ايم ته بنهه سنڌ خلاف محاذ ٺاهيو بيٺي آهي ۽ اهو باور ڪرائي رهي آهي ته ڄڻ سنڌ هنن لکنو يا دهلي مان آندي هجي جنهن کي هو ڪيڪ سمجهن ٿا. سنڌ هزارين سال اڳ جي آهي، سنڌ پيرن، بزرگن ۽ پيغمبرن جي آهي جنهن کي مٽائڻ هنن جي وس جي ڳالهه ناهي. سنڌ جي سرزمين تي جنم وٺندڙ سمورن پارٽين ۽ ڌرين بشمول سنڌ لاءِ بهتر سوچ رکندڙ مهاجرن، پٺاڻن، پنجابين ۽ بلوچن به رياستي سوچ ۽ سنڌ جي ورهاڱي جي مخالفت ڪئي آهي. خود پي پي پي جا اڳواڻ ۽ اسيمبلي ميمبر به سنڌ جي ورهاڱي واري سوچ خلاف بيان ڏئي رهيا آهن، پر پي پي پي جي وفاقي قيادت، خاص ڪري پي پي پي جو چيئرمن جناب بلاول ڀٽو زرداري يا صدر آصف علي زرداري جو هن ڏس ۾ واضح کليل بيان سامهون اچي نه سگهيو آهي. الٽو سنڌ جي ورهاست خلاف احتجاج ڪندڙن کي سنڌ حڪومت گرفتار ڪري رهي آهي، خبر ناهي ته اها ڪهڙي سياست آهي! پي پي پي قيادت کي پنهنجو واضح موقف عوام آڏو رکڻ گهرجي. جڏهن ته ڪي پي اسيمبليءَ مان هن قسم جو ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو آهي، پر سنڌ اسيمبليءَ کي خبر ناهي ته ڪهڙي سبب ڪري دير پئي ٿئي. جيڪڏهن ملڪ جو ڪو نظام تباهه ٿي چڪو آهي ته ان ۾ خود اقتداري قوتن ۽ نااھل حڪمرانن جو قصور آهي، صوبن ۽ انهن جي وحدت جو ڪهڙو قصور؟ جنهن ملڪ جي معاشي حالت مضبوط نه هجي، اتي ٽيهھ چاليهه صوبا ٺاهڻ سان ترقي ناممڪن آهي.
قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو کي ڪالهه ڪراچي ۾ جاچ اداري ۾ پيشي مهل جنهن نموني ڀرپور آجيان وارو پروٽوڪول مليو ۽ هزارين جي تعداد ۾ ماڻهو روڊن تي نڪتا، اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪراچي سنڌ جو اٽوٽ انگ آهي جنهن کي ڪا به طاقت يا تنظيم پنهنجي قبضي هيٺ آڻي نٿي سگهي. ايم ڪيو ايم ۽ رياستي ادارن کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته سنڌ کي ٽڪرائڻ ڪا سولي راند ناهي، ۽ جيڪڏهن اهڙي ڪا راند کيڏي به وئي ته اها ملڪ کي ڪمزور ڪندي جنهن لاءِ سنڌ جي ماڻهن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. هي ته صرف قومي عوامي تحريڪ جا ڪارڪن هئا، پر جيڪڏهن سنڌ جون سموريون سياسي پارٽيون، انهن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن روڊن تي نڪتا ته کين سنڀالڻ ڏکيو ٿي پوندو. ملڪ جي آئين ۽ قانون کي وڌيڪ امتحانن ۾ وجهڻ جا خوفناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا. باقي جناب اياز لطيف پليجي کي مليل آجيان واري پروٽوڪول اهو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته سنڌ ۽ ان ۾ رهندڙ سموريون قومون هڪ آهن ۽ سنڌ کي في الحال ورهائڻ ناممڪن آهي.