بوگوٽا (ويب ڊيسڪ) ڪولمبيا جي اولهندي علائقي ۾ سومر ڏينهن 7.4 شدت جي زلزلي سبب ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پٽ پئجي ويون آهن.
آمريڪي جيولوجيڪل سروي (يو ايس جي ايس) موجب، زلزلي جي شدت 7.4 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز چوڪو علائقي ۾ موجود سان هوزي ڊيل پالمر هو، جيڪو ڪالي ۽ ميڊيلين شهرن جي وچ ۾ موجود آهي، جڏهن ته زلزلي جي زمين اندر اونهائي 82 ڪلوميٽر هئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڪالي شهر جي ميئر اليجينڊرو ايدر چيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 20 عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون ۽ ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺ ڦاٿل آهن.
مقامي اختيارين موجب، زلزلي جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته ڪوئبدو ۽ پيريرا شهرن ۾ عمارتن کي سخت نقصان رسيو آهي.
زلزلي جا لوڏا ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن سميت پاڙيسري ملڪ وينزويلا ۾ پڻ محسوس ڪيا ويا.
سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيوز ۾ ڪيترين ئي عمارتن کي نقصان پهچڻ ۽ ڪجهه عمارتن جي ڪرڻ جا منظر ڏسي سگهجن ٿا.
اختيارين نقصان جي ڪاٿي ۽ امڪاني آفٽر شاڪس جي خطري جو جائزو وٺي رهيا آهن، جنهن سبب ڪيترن ئي شهرن ۾ عمارتون خالي ڪرايون ويون آهن.
ملڪ جي ڇهن هوائي اڏن تي پڻ آپريشن عارضي طور معطل ڪيو ويو آهي.
You might also like