مير رضا ڪيس: سنڌ حڪومت عدالتي جاچ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت مير رضا ڪيس جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ وارو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.
صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جو چوڻ آهي ته والدين جي درخواست تي في الحال عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ملتوي ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته شفافيت يقيني بڻائڻ ۽ متاثر ڪٽنب کي اطمينان ڏيارڻ لاءِ عدالتي جاچ جو فيصلو ڪيو ويو هو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته وارثن نئين جاچ ٽيم تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، هاڻي نئين جاچ ٽيم معاملي جي جاچ ڪندي.
ياد رهي ته گهرو وزير ضياءَ لنجار مير رضا ڪيس جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو هو.
مير رضا جي وارثن جي وڪيل جبران ناصر چيو هو ته في الحال ڪيس ۾ ڪنهن به جڊيشل ڪميشن جي ضرورت ناهي، مير رضا جي والدين ميئر، گهرو وزير ۽ ايڊيشنل آءِ جي کي جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ کان انڪار ڪيو.
هن چيو ته مير رضا جي والدين لکت ۾ اختيارين کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، والدين جو موقف آهي ته پوليس جي ٽيم کي قانوني طور تي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي.

You might also like