عمران خان سان ملاقات ڪرايو نه ته سڄو پاڪستان ڊي چوڪ بڻائي ڇڏينداسين: سهيل آفريدي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته خميس واري ڏينهن عمران خان سان ملاقات نه ڪرائي وئي ته رات 10 وڳي سڄو پاڪستان ڊي چوڪ بڻائي ڇڏينداسين، جيڪڏهن باني چيئرمين کي ڪجهه ٿيو ته ان جا ذميوار وزيراعظم ۽ عهدن تي ويٺل ماڻهو هوندا.
اسلام آباد جي خيبرپختونخوا هائوس ۾ سلمان اڪرم راجا سميت ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سهيل آفريدي چيو ته خميس واري ڏينهن سمورا پارليامينٽرين اڊيالا جيل ويندا، جڏهن ته سڀاڻي سمورا پارليامينٽرين سپريم ڪورٽ جي سامهون ڌرڻو هڻندا.
هن چيو ته عمران خان جو ڪٽنب ضمانت ڏئي رهيو آهي ته اسان سياسي ڳالهه ٻولهه ڪنداسين، اسان جي ضمانت قبول ڪري ملاقات ڪرائي وڃي، هو سياسي ڳالهيون نه ڪندا.
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير چيو ته اسان جو رڳو اهو مطالبو آهي ته پي ٽي آءِ باني جو بهترين علاج ٿيڻ گهرجي، بشرا بي بي ۽ عمران خان ٻنهي جي صحت خراب آهي. پي ٽي آءِ باني جي صحت بابت ڳڻتي ختم ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني کي گرفتار نه پر اغوا ڪيو ويو آهي ۽ هو ناحق جيل ۾ آهي، عمران خان کي جڏهن اغوا ڪيو ويو ته هو بلڪل فِٽ هو. اڊيالا جيل ۾ باني پي ٽي آءِ جي صحت جو ذميوار سمورو نظام آهي، حڪومت، جج ۽ جيل انتظاميا سڀ جا سڀ مليا پيا آهن.
هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جو نوجوان نفرت ۽ ڪاوڙ ۾ آهي، نوجوانن کي ملڪ ۾ پنهنجو مستقبل نظر نٿو اچي، پاڪستان جو نوجوان هي يزيديت ۽ بيروزگاري برداشت ئي نٿو ڪري سگهي.
هن وڌيڪ چيو ته مان سڄو پاڪستان گهمي چڪو آهيان، نوجوان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار آهن، جڏهن اهي نوجوان ٻاهر نڪتا ته مان به انهن کي سنڀالي نه سگهندس، 27 سيپٽمبر تي سڄي قوم ٻاهر هوندي ۽ پوءِ ڪنهن وٽ به سنڀالڻ جو موقعو نه هوندو.

You might also like