اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ شهري پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي وڌندڙ ٽيڪسن ۽ مختلف چارجز جو ٻوجهه برداشت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته دستاويزن موجب، پيٽرول جي بنيادي قيمت ۽ وڪرو ٿيندڙ اگهه ۾ وڏو فرق موجود آهي.
دستاويزن موجب، هڪ ليٽر پيٽرول جي بنيادي لاڳت 197 رپيا 69 پيسا آهي، جڏهن ته موجوده قيمت 327 رپيا 62 پيسا في ليٽر مقرر آهي.
پيٽرول تي مجموعي طور 130 رپيا 23 پيسا ليوي، ٽيڪس ۽ مختلف مارجنز جي مد ۾ اوڳاڙيا پيا وڃن.
في ليٽر پيٽرول تي 80 رپيا پيٽروليم ليوي، 5 رپيا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي، 21 رپيا 24 پيسا ڪسٽمز ڊيوٽي، 7 رپيا 48 پيسا ان لينڊ فريٽ ايڪولائيزيشن مارجن، 7 رپيا 87 پيسا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو مارجن ۽ 8 رپيا 64 پيسا ڊيلرز مارجن شامل آهي.
اهڙي طرح هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي بنيادي لاڳت 264 رپيا 76 پيسا في ليٽر آهي، جڏهن ته ان جي موجوده قيمت 380 رپيا 86 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
دستاويزن موجب، هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي مجموعي طور 116 رپيا ليوي، ٽيڪس ۽ مختلف مارجنز جي مد ۾ اوڳاڙيا پيا وڃن.
هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي في ليٽر 74 رپيا 28 پيسا پيٽروليم ليوي ۽ 5 رپيا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي لاڳو آهي.
ان کان سواءِ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 15 رپيا 68 پيسا ڪسٽمز ڊيوٽي، 4 رپيا 63 پيسا ان لينڊ فريٽ ايڪولائيزيشن مارجن، 7 رپيا 87 پيسا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو مارجن ۽ 8 رپيا 64 پيسا ڊيلرز مارجن پڻ شامل آهن.