تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ايران کي ڳڻتي ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيءَ وچ ۾ ٿيل گڏيل دفاعي معاهدو ايران خلاف آهي.
هفتيوار پريس ڪانفرنس دوران اسماعيل بقائي مڪي معاهدي کي خطي جي ملڪن جي سوچ ۾ تبديلي جي علامت قرار ڏيندي چيو ته ملڪن ان نتيجي تي پهچڻ شروع ڪيو آهي ته هو آمريڪا طرفان سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي دعوائن تي ڀاڙڻ نٿا چاهين.
هن چيو ته جيستائين سامونڊي ناڪابندي ۽ مفاهمتي معاهدي جي ٻين شقن جون ڀڃڪڙيون جاري رهنديون، تيستائين آبناءِ هرمز کي محفوظ سامونڊي لنگهه ۾ تبديل ڪرڻ جي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي.
ايران پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي بيان جو حوالو ڏيندي اسماعيل بقائي چيو ته جيستائين آمريڪا طرفان واعدن جي ڀڃڪڙي جاري آهي، تيستائين ڳالهين جي ٻيهر شروعات ممڪن ناهي.
هن چيو ته عباس عراقچي ۽ محمد باقر قاليباف جي پاڪستان جي دوري لاءِ دعوت ملي چڪي آهي ۽ مناسب وقت تي اهو دورو ڪيو ويندو.
ايراني ترجمان چيو ته هن وقت ايران آبناءِ هرمز ۾ بحري رستي جي تعين بابت عمان سان ڳالهين تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا سان سڌيون ڳالهيون نه ٿي رهيون.
اسماعيل بقائي چيو ته پيغامن جي ڏي وٺ هڪ فطري عمل آهي ۽ روزمره جي معاملن بابت ٽياڪڙن ذريعي پيغام ايندا ويندا رهن ٿا.
آبناءِ هرمز مان گذرندڙ جهازن کان فيس اوڳاڙڻ بابت سوال تي ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڳالهين دوران ماحولياتي معاملن ۽ سامونڊي سهولتون فراهم ڪرڻ بابت طريقيڪار تي غور ٿي رهيو آهي ۽ جڏهن سامونڊي خدمتون فراهم ڪيون وڃن ته ان جي عيوض معاوضو وٺڻ فطري ڳالهه آهي. ”آمريڪا خطي ۾ عدم تحفظ جو سبب آهي، ايران ڪنهن تي حملو نه پر پنهنجو دفاع ڪري رهيو آهي“: اسماعيل بقائي
اسماعيل بقائي چيو ته وچ اوڀر کي ٻاهرين طاقتن جي ضرورت ناهي، جڏهن ته آمريڪا خطي ۾ عدم تحفظ جي هڪ اهم سببن مان آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، ايران ڪنهن به ملڪ تي حملو نه ڪري رهيو آهي، پر پنهنجي سرزمين ۽ مفادن جو دفاع ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته خطي ۾ آمريڪي فوجي اڏن ۽ انهن هنڌن کي نشانو بڻائڻ، جيڪي حملن لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا، ايران جي دفاع جي دائري ۾ اچي ٿو.
ايراني ترجمان چيو ته خطي جا ملڪ مستقل پاڙيسري جي حيثيت سان گڏيل اعتماد ۽ تعميري سهڪار ذريعي پنهنجي سلامتي لاءِ گڏيل نظام جوڙي سگهن ٿا.
هن چيو ته ”اسان کي گڏجي اهڙو نظام جوڙڻ گهرجي، جيڪو خطي جي سمورن ملڪن جي سلامتي کي يقيني بڻائي.“
اسماعيل بقائي چيو ته ايران کي خطي جي ڪنهن به ملڪ سان دشمني ناهي ۽ ايران سمورن ملڪن جي علائقائي سالميت ۽ قومي خودمختياري جو احترام ڪري ٿو.
هن چيو ته خطي جي ملڪن کي به پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن.
ڪويت جو مثال ڏيندي ايراني ترجمان چيو ته ڪنهن به ملڪ کي پنهنجي سرزمين ٻئي ملڪ تي حملي لاءِ استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.
هن چيو ته آمريڪا کي ايران خلاف حملي جون تياريون ڪرڻ لاءِ خطي جي ملڪن جي سرزمين ۽ ٿاڪ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي.
اسماعيل بقائي وڌيڪ چيو ته ايران کي اميد آهي ته گذريل پنجن مهينن جي تجربن مان خطي جي سمورن ملڪن اهو سبق سکيو هوندو ته آمريڪي فوجي موجودگي جو تسلسل خطي ۾ رڳو عدم تحفظ، ورڇ ۽ اختلافن کي جنم ڏيندو ۽ ان مان ڪو به هاڪاري نتيجو حاصل نه ٿيندو.
پاڪستان، سعودي ۽ ترڪيه جو گڏيل دفاعي معاهدو ايران لاءِ خطرو ناهي ناهي:اسماعيل بقائي
You might also like