سنڌ ڪمزور ٿيندي ته پاڪستان ڪمزور ٿيندو: علامه راشد محمود سومرو

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ ڪمزور ٿيندي ته پاڪستان ڪمزور ٿيندو.

حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راشد محمود سومرو چيو ته سنڌ جا عوام نون صوبن کي ڪالهه به رد ڪندا هئا ۽ اڄ به رد ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته سنڌ ڪمزور ٿيندي ته پاڪستان ڪمزور ٿيندو.

هن جو چوڻ هو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين سان گڏ سنڌ حڪومت به ڏوهاري آهي. ڪميشن جي امتحان ۾ 25 هزار اميدوارن مان رڳو 70 اميدوارن کي چونڊيو ويو، ٻڌايو وڃي ته جن اميدوارن کي چونڊيو ويو آهي، انهن جو واسطو ڪنهن سان آهي؟

You might also like