تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني بري فوج جي ڪمانڊر بريگيڊيئر جنرل علي جهانشاهي آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به آمريڪي فوجي ايراني سرزمين تي قدم رکيو ته کيس جيئرو نه ڇڏيو ويندو.
ايراني ميڊيا موجب جنرل علي جهانشاهي چيو ته دشمن جي ڪنهن به ڪارروائي جو ڀرپور ۽ اثرائتو جواب ڏنو ويندو.
ايراني بري فوج جي ڪمانڊر چيو ته ايراني زميني فوجون مڪمل جنگي تياريءَ جي حالت ۾ آهن ۽ ملڪ جي سرحدن تي لڳاتار نگراني جاري آهي.