ايراني سپريم ليڊر جي صدر مسعود پزشڪيان سان ملاقات، جنگ ۽ معاشي چئلينجن تي ڳالهيون

ايراني سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي صدر مسعود پزشڪيان سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ کي درپيش چئلينجن، جاري جنگي صورتحال ۽ معاشي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ايراني ميڊيا موجب ملاقات صدر پزشڪيان جي عهدي جي ٽئين سال جي شروعات جي موقعي تي ٿي.

ٻنهي اڳواڻن عوام جي معاشي ۽ سماجي ضرورتن، جاري جنگي صورتحال ۽ مستقبل جي امڪانن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

You might also like