گڏيل عرب امارتن جي رياست شارجه آبناءِ هرمز کان ٻاهر خليج عمان ۾ واقع خورفڪان بندرگاهه ذريعي واپار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اماراتي خابرو اداري موجب چين مان گاڏين جي وڏي کيپ خورفڪان بندرگاهه پهچندي. چين جي شياومو بندرگاهه ۽ خورفڪان وچ ۾ سڌي سامونڊي مال برداري جو نئون رستو شروع ٿي ويو آهي.
نئين واپاري رستي سان گاڏين جي منتقلي جو وقت 3 کان 5 ڏينهن تائين گهٽجي ويندو.