حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف حيدرآباد ۾ اداري جي آفيس سامھون ٿڌي سڙڪ تي سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي احتجاجي ڪيمپ کي ڪالھ ڇنڇر ڏينھن 16 ڏينھن پورا ٿيا ، ايڪشن ڪميٽي تحريڪ کي عوامي جدوجھد واري پاسي وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آھي ۽ اڄ مشعل بردار ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو، ايڪشن ڪميٽي ۽ موومينٽ فار دي ريسٽوريشن آف ميرٽو ڪريسي جي باني اڳواڻ فرمان ملغاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ شام جو 7 وڳي مشعل بردار ريلي نسيم ننگر چوڪ قاسم آباد حيدرآباد کان شروع ٿيندي ۽ مارچ ڪندي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس سامھون لڳل ڪيمپ تي پھچندي ھن چيو ته تحريڪ 14 ڏينھن ھلي يا سال اسان جا جذبا ساڳيا آھن، ھي تحريڪ وڌيڪ سگھاري شڪل اختيار ڪندي ايس پي ايس سي ۾ پنھنجا نوازي عروج تي آھي ، اسين ان جو خاتمو ۽ اداري ۾ ميرٽ جي بحالي چاھيون ٿا، ھن سنڌ جي سول سوسائٽيءَ، اديبن ، وڪيلن ، استادن ۽ خاص طور شاگردن کي ھن مشعل بردار ريلي ۾ شريڪ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آھي ھن شاگردن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوھان پنھنجو روشن مستقبل بچائڻ لاءِ اسان جو ساٿ ڏيو، ھوڏانھن سنڌ ايڪشن ڪميٽي سومر ڏينھن 10 آگسٽ تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس سامھون لڳل احتجاجي ڪيمپ تي آل پارٽيز اسٽوڊنٽس ڪانفرنس گھرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنھن ۾ سمورين شاگرد تنظيمن کي دعوت ڏني ويندي
شاگردن اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اسان ھن تحريڪ کي سنڌ گير تحريڪ بنائڻ گھرون ٿا، شاگردن جي احتجاجي ڪيمپ تي ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر محبوب علي نوناري، ڊاڪٽر روشن چانڊيو ، ناميارو صحافي دستگير ڀٽي سميت سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وفدن سان گڏ شرڪت ڪئي.