جماعت اسلامي جو 9 آگسٽ تي ملڪ گير احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان 9 آگسٽ تي ملڪ گير ڌرڻن جو اعلان واپس وٺندي نئين تاريخ 16 آگسٽ 2026ع مقرر ڪري ڇڏي آهي.
جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي صدارت هيٺ ڌرڻن بابت خصوصي اجلاس ٿيو، جنهن کانپوءِ سندس وڊيو بيان پڻ جاري ڪيو ويو.
اجلاس ۾ جماعت اسلامي جي نائب اميرن، قائم مقام سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن شرڪت ڪئي، جڏهن ته چئني صوبن ۽ وڏن شهرن جا امير وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.
اجلاس ۾ آزادي ڏهاڙي جون تقريبون ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته يومِ آزادي سبب 9 آگسٽ بدران 16 آگسٽ تي ملڪ گير ڌرڻا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
حافظ نعيم الرحمان چيو ته 16 آگسٽ تي چئني صوبن ۾ هڪ ئي وقت ڌرڻا ڏنا ويندا. لاهور ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن سان گڏ وزيراعليٰ هائوس ٻاهران ڌرڻو هنيو ويندو، جڏهن ته سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ گورنر هائوسز آڏو احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like