اياز لطيف کي سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ تي نشانو بڻائڻ افسوسناڪ عمل آهي: بئريسٽر سرفراز ميتلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بئريسٽر سرفراز علي ميتلو چيو آهي ته سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو کي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ عمل آهي.
پنهنجي بيان ۾ بئريسٽر سرفراز ميتلو چيو ته اياز لطيف پليجو سنڌ جي پاڻي تي ٿيندڙ مبينا ڌاڙن خلاف بيباڪي سان آواز اٿاريندو رهيو آهي، جڏهن ته ڌرتي جي وسيلن جي تحفظ ۽ سنڌ کي ورهائڻ جي ڪنهن به سازش خلاف قومي ميڊيا تي پڻ آواز بلند ڪندو رهيو آهي.
هن چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ اڳواڻ خلاف اهڙي ڪارروائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.

You might also like