ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ لڳاتار واڌ جو سلسلو جاري آهي، اڄ به سون اگهه ۾ هزارين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 5 هزار 100 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 54 هزار 336 رپين جو ٿي ويو.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 51 واڌ کانپوءِ 4 هزار 319 ڊالر جو ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته گذريل ٽن ڏينهن کان سون جي قيمت ۾ مسلسل واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، ٽن ڏينهن دوران في تولو سون مجموعي طور 26 هزار 400 رپيا مهانگو ٿي چڪو آهي