خانپور ۾ مبينا زهريلو کاڌو کائڻ سبب 3 ٻار فوت، 7 بيهوش

خانپور (ويب ڊيسڪ) خانپور شهر ۾ مبينا طور زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 3 ٻار فوت ۽ 7 ڄڻا بيهوش ٿي ويا.
گلزار قريشي جي گهر ۾ مبينا طور ڇولن واري برياني کائڻ کانپوءِ 10 گهرڀاتين جي حالت خراب ٿي وئي، جن کي الٽيون ۽ موشن اچڻ بعد بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
علاج دوران 5 ورهين جو زين قريشي، 3 ورهين جو گلزيب ۽ نينگري مسڪان دم ڏئي ڇڏيو.
متاثر گلزار قريشي موجب، گهر ۾ تيار ڪيل برياني کائڻ کانپوءِ گهرڀاتين جي حالت اوچتو خراب ٿي وئي، جنهن بعد کين الٽيون ۽ موشن شروع ٿي ويا ۽ هو بيهوش ٿي ويا.
گلزار قريشي، دلاور، ماهه نور ۽ ٻين متاثرن جو شڪارپور ۾ علاج جاري آهي، جڏهن ته واقعي جا اصل ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like