ڪراچي/ حيدرآباد (رپورٽر/ پ ر) اين سي سي آءِ اي ڪراچي قومپرست اڳواڻن قومي عوامي تحريڪ سربراهه اياز لطيف پليجو ۽ جيئي سنڌ محاذ سربراهه رياض چانڊيو کي ضابطه فوجداري جي شق 160 تحت طلبي جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، دستاويزن موجب ٻنهي کي اين سي سي آءِ اي ڪراچي جي آفيس ۾ پيش ٿي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي، ذريعن موجب اياز لطيف پليجو ڏانهن موڪليل نوٽيس جي متن موجب اياز لطيف پليجو کي 10 آگسٽ تي اين سي سي آءِ ۾ اچي جواب ڏيڻو پوندو، متن موجب سوال پڇڻا آهن، پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ سمجهيو ويندو ته توهان وٽ پنهنجي دفاع ۾ چوڻ لاءِ ڪجهه ناهي، ڪارروائي ڪئي ويندي، ذريعن موجب اياز لطيف پليجو کي صوبن بابت بيان ڏيڻ تي گهرايو ويو آهي، رياست مخالف سرگرمين جو الزام هنيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ قومي عوامي تحريڪ اڳواڻن، سوشل ميڊيا واهپيدارن، وڪيلن، قانوندانن ۽ ساڃاهه وندن پاران اياز لطيف پليجو خلاف ڪيس داخل ۽ اين سي سي آءِ پاران طلب ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو ويو ته اياز لطيف پليجو صاحب خلاف ڪيس داخل ٿيڻ جي سخت لفظن م مذمت ڪجي ٿي، قومي عوامي تحريڪ ترجمان چيو ته سنڌ جي وحدت ۽ وجود جي حق ۾ ڳالهائڻ، سنڌ کي ورھائي ڪراچي کي الڳ صوبي بڻائڻ جي سازش خلاف ڀرپور تاريخي آواز اٿارڻ، پاڻي تي ڌاڙي خلاف جدوجھد ڪرڻ ۽ دهشتگرد تنظيم بابت ڳالهائڻ تي، ساڃاهه وندن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي حڪم تي ايف آءِ اي ڪراچي پاران سنڌ جي قومي آواز اياز لطيف پليجي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو حڪومت جي ان انتھائي ڪريل ۽ شرمناڪ سازشي عمل جي سڄي سنڌ مذمت ڪري ٿي، سنڌين جي آواز کي دٻاءُ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته جيئي سنڌ محاذ چيئرمين خلاف جاچ شروع ٿيڻ تي جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ نواز شاهه ڀاڏائي چيو آهي ته رياست مخالف مواد سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪرڻ تي رياض چانڊيو کي 10 آگسٽ اين سي سي آءِ ۾ طلب ڪيو ويو آهي، نوٽيس مليو آهي.