پيٽرول 2 رپيا 20 پئسا ۽ ڊيزل هڪ رپيو 50 پئسا سستو

اسلام آباد (بيورو) پيٽروليم شين جي نون اگهن جو اعلان ڪيو ويو جنهن تحت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ مسلسل ٻئي ڀيري گهٽتائي ڪئي وئي، آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) سڀاڻي تائين پيٽرول ۽ ڊيزل جي نون اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 2 رپيا 20 پئسا، جڏهن ته ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 1 رپيو 50 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي، گهٽتائي کان پوءِ پيٽرول جي نئين في ليٽر قيمت 327 رپيا 62 پئسا، جڏهن ته ڊيزل جي نئين في ليٽر قيمت 380 رپيا 86 پئسا مقرر ڪئي وئي، نوٽيفڪيشن موجب نيون قيمتون لاڳو ٿي ويون.

You might also like