رات جي اونداهي ۾ ٺهيل نئين ميڊيڪل بورڊ تي اعتراض، مير رضا جي قبر ڪشائي ملتوي

ڪراچي (رپورٽر) مير رضا جي والد مير حسن نئين جوڙيل ميڊيڪل بورڊ تي اعتراض ڪندي قبر ڪشائي ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ڪالهه ٿيندڙ قبر ڪشائي جي ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي، مئجسٽريٽ وارثن کي آگاهه ڪيو هو ته جيڪڏهن جاچ آفيسر لکت ۾ درخواست ڏيندو ته پراڻي يا نئين ميڊيڪل بورڊ بابت فيصلو ڪيو ويندو بعد ۾ جاچ آفيسر بيان جي صورت ۾ مئجسٽريٽ وٽ درخواست جمع ڪرائي، واقعي واري هنڌ ٻنهي ميڊيڪل بورڊن جا ميمبر موجود هئا، جڏهن ته وارثن ۽ سندن وڪيل نئين بورڊ خلاف مئجسٽريٽ وٽ درخواست جمع ڪرائي، جنهن ۾ نئين ميڊيڪل بورڊ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ويو، قبر ڪشائي ملتوي ٿيڻ کا نپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مير حسن چيو ته هو پهرين ڏينهن کان چئي رهيو آهي ته سندس پٽ جو قتل ٿيو آهي، آءِ جي سنڌ جو ڪيس حل ٿيڻ بابت بيان ڏيڻ ۽ جلد پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو اعلان حيران ڪندڙ آهي، هن چيو ته هو پاڻ عدالت ويا هئا ۽ قبر ڪشائي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر رات جي اونداهي ۾ نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪري ميڊيڪل بورڊ تبديل ڪيو ويو، سندس چوڻ هو ته هو هر حال ۾ پنهنجي پٽ جي قبر ڪشائي ڪرائيندو، ڀلي ان لاءِ ڪجهه ڏينهن وڌيڪ انتظار ڪرڻو پوي، مير حسن موجب جاچ آفيسر مجسٽريٽ کي لکت ۾ درخواست ڏئي چڪو آهي، جڏهن ته سندن مڪمل اعتماد اڳ ۾ قائم ڪيل ميڊيڪل ٽيم تي آهي ۽ هو صرف ان ئي ٽيم جي موجودگي ۾ قبر ڪشائي ڪرائڻ چاهين ٿا، هن وڌيڪ چيو ته هو رات دير سان جوڙيل پنج رڪني ميڊيڪل بورڊ کي قبول نٿا ڪن، جڏهن ته عدالت پاران قائم ڪيل اٺ رڪني بورڊ تي کين اعتماد آهي، هن الزام هنيو ته پوليس جا بيان بار بار تبديل ٿين ٿا ۽ شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ به سنگين غلطيون ڪيون ويون، مير حسن واضح ڪيو ته جيڪڏهن اڳ ۾ قائم ڪيل ميڊيڪل بورڊ جا ميمبر ايندا ته هو قبر ڪشائي لاءِ تيار آهن، پر نئين ڪميٽي تي کين اعتماد ناهي ۽ سندن خيال ۾ ڪنهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ياد رهي ته شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ کان پوءِ ڪالهه ٻيهر قبر ڪشائي ٿيڻ واري هئي، پر وارثن جي اعتراض کانپوءِ ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي. ان موقعي تي پوليس پاران سخت سيڪيورٽي انتظام پڻ ڪيا ويا هئا.

You might also like