سنڌي سفرنامن جي ڪتابن ۾ هڪ منفرد واڌارو

ذلفي چاچڙ

انسان جو سفر تڏهن ئي شروع ٿئي ٿو، جڏهن هو هن فاني دنيا ۾ جنم وٺي ٿو ۽ پهرين ساهه سان گڏ سندس حياتيءَ جي پنڌ جو آغاز ٿئي ٿو. اهو هڪ اهڙو سفر آهي، جيڪو مختلف مرحلن، موڙن، لاهين ۽ چاڙهين تان ٿيندو، ماڻهو کي ڪيئي ماجرائون، عجيب واقعا، ڏک ۽ سک جا انيڪ لمحا ڏيکاريندو رهي ٿو. زندگي پاڻ هڪ مسلسل هجرت، هڪ اڻکٽ مسافت ۽ مسلسل کوجنا جو نالو آهي. جڏهن ڪو حساس انسان ان پنڌ کي رڳو پيرن سان نه پر دل جي اکين سان ڪندو آهي، تڏهن ادب جنم وٺندو آهي.

سفرنامو ادب جي هڪ اهڙي مقبول ۽ دل پذير صنف آهي، جنهن کي هر مزاج جو پڙهندڙ پسند ڪري ٿو. عام طور تي ادب جي ٻين صنفن جا پڙهندڙ محدود يا مخصوص هوندا آهن؛ مثال طور، جن ماڻهن کي شاعري پسند هوندي آهي، اهي نثر مان اها لذت حاصل ناهن ڪري سگهندا ۽ جيڪي نثر جا شيدائي هوندا آهن، اهي نظم جي رمزن کان گهٽ واقف هوندا آهن. پر سفرنامو هڪ اهڙي جامع ۽ همه گير صنف آهي، جنهن ۾ شاعريءَ جو حسن، فڪر جي گهرائي، تاريخ جي سچائي، جاگرافيائي معلومات ۽ انساني نفسيات جو نچوڙ هڪ ئي وقت سمايل هوندو آهي. ان ڪري ئي هن صنف کي ٻنهي صنفن جا شوقين وڏي چاهه سان پڙهندا آهن.

 هن وقت منهنجي هٿن ۾ سنڌي ادب جي نالي واري اديب، شاعر ۽ استاد ارڏي اترادي جو نئون ڪتاب ”ماڳ، ماڻهو ۽ منظر“ آهي. هي رڳو هڪ سياح جي ڊائري ناهي، پر سنڌ جي هڪ دردوند دل رکندڙ سپوت جو پنهنجي ڌرتي، تاريخ ۽ ماڻهن سان ڪيل مڪالمو آهي.

ارڏو اترادي سنڌي ادب جو اهو اڻٿڪ ڪردار آهي، جنهن پنهنجي زندگي ۾ ڪيئي لاها چاڙها ڏٺا آهن ۽ بيشمار تڪليفون برداشت ڪيون آهن. سندس حياتي پاڻ هڪ وڏو سفر آهي، جنهن ۾ ڪنڊا به هئا ته گل به، اونداهيون راتيون به هيون ته پرهه جا ڪرڻا به. انهن سمورين سختين ۽ تجربن جو چٽو عڪس سندس شاعري توڙي اڳوڻي نثر جي ڪتابن ۾ جا بجا ملي ٿو. هن ڪڏهن به حالتن اڳيان هٿيار ڦٽا ناهن ڪيا، پر پنهنجي قلم کي هٿيار بڻائي سماجي ناانصافين خلاف آواز اٿاريو آهي.

سندس هيءُ نئون ڪتاب ”ماڳ، ماڻهو ۽ منظر“ سندس انهيءَ ارڏي شخصيت جو آئينو آهي. هن ڪتاب جو سڀ کان وڏو گڻ اهو آهي ته هي روايتي ۽ رواجي سفرنامن کان بنهه مختلف ۽ منفرد لکيل آهي. عام طور تي سفرناما لکندڙ رڳو وڻندڙ هوٽلن، خوبصورت عمارتن، منظرن ۽ عياشين جو احوال لکندا آهن، پر ارڏو اترادي پنهنجي سفر جي منظرڪشي اهڙي ريت ڪري ٿو، جو پڙهندڙ دنگ رهجي وڃي ٿو.

هن ڪتاب کي پڙهندي هڪ عجيب ۽ سحر انگيز تجربو ٿئي ٿو، جتي پڙهندڙ ڪٿي محسوس ڪندو آهي ته هو ڪو بهترين سفرنامو پڙهي رهيو آهي، ته ڪٿي وري کيس ائين لڳندو آهي ڄڻ هو ارڏي اتراديءَ جي آتم ڪٿا پڙهي رهيو آهي. ليکڪ پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي تلخين، ماضيءَ جي يادن ۽ پنهنجي دلي ڪيفيتن کي سفر جي احوال سان اهڙي ته خوبصورتيءَ سان ملايو آهي، جو ٻنهي جي وچ ۾ ڪا وٿي نٿي رهي.

ڪتاب جي نظمي ۽ نثري ٽڪرن مان صاف ظاهر آهي ته ليکڪ پنهنجي گهاريل ڏينهن، عرب ملڪن جي مسافري، ويزا جا مسئلا ۽ اتان جي مغرور توڙي مهربان ماڻهن جو ذڪر ڪندي پنهنجي اندر جي درد کي ٻاهر ڪڍيو آهي، جتي هو چوي ٿو ته عرب هئا مغرور ڪي ڪي مهربان، هي سنڌ ناهي جو بنا ويزا رهان. اهي سٽون ثابت ڪن ٿيون ته هي سفرنامو رڳو تفريح جو ذريعو ناهي، پر پرديس ۾ گهاريل انهن ڏکوئيندڙ ڏينهن جو داستان آهي، جتي پنهنجي وطن جي مٽيءَ جي خوشبو پل پل ياد ايندي آهي. پنهنجي ذات جي ڪرڀ کي سفر سان هم آهنگ ڪرڻ ئي هن ڪتاب کي شاهڪار بڻائي ٿو.

هن سفرنامي ۽ سنڌي ادب ۾ موجود ٻين سفرنامن جي وچ ۾ جيڪو سڀ کان واضح، وڏو ۽ نمايان فرق محسوس ٿئي ٿو، اهو ليکڪ جو سماجي ۽ سياسي شعور آهي. ارڏو اترادي رڳو هڪ سياح بڻجي دنيا نٿو گهمي، پر هو هڪ مصلح ۽ سماجي نقاد بڻجي منظرن جو جائزو وٺي ٿو. هو جڏهن ٻين سياحتي ماڳن، ترقي يافته شهرن يا ٻين علائقن جو سفر ڪري ٿو، ته اتان جي سٺين سهولتن، صاف سٿري نظام ۽ خوشحاليءَ کي ڏسي پنهنجي ڌرتي سنڌ جو نقشو اکين اڳيان آڻي ٿو. هو سنڌ جي تفريحي ماڳن، تاريخي شهرن ۽ اتي رهندڙ ماڻهن جي بدحال رهڻي ڪهڻي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي اڻهوند، صحت ۽ تعليم جهڙين بنيادي سهولتن جي کوٽ جو هڪ گهرو تقابلي جائزو پيش ڪري ٿو. سندس اندر مان اهو سوال اڀري ٿو ته هڪ ئي ملڪي نظام جي اندر، ننڍن صوبن جي ماڻهن سان هي ٻٽو معيار ڇو آهي؟ سنڌ جيڪا سڄي ملڪ کي وسيلا ڏئي ٿي، اها پاڻ بنيادي سهولتن کان ڇو محروم آهي؟ اهو سوال ارڏي جي حب الوطني، پنهنجي ماڻهن سان سچائي ۽ سياسي بصيرت جو وڏو ثبوت آهي. هو جڏهن ڪنهن ٻئي شهر جي ترقي ڏسي ٿو ته خوش ٿيڻ بدران سندس دل رڙ ڪري ٿي ته منهنجو ڄامشورو، منهنجو ٿر، منهنجو ڀالوا ۽ منهنجا تاريخي ماڳ اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم ۽ ننڌڪڻا ڇو آهن؟

ڪتاب جو هڪ اهم ڀاڱو ٿر ياترا تي ٻڌل آهي. ڄامشوري کان شروع ٿيندڙ پنڌ جڏهن مٺي، ڀالوا، ويرواهه ۽ گوڙي مندر تائين پهچي ٿو، ته ليکڪ جو قلم وڌيڪ جنبش اختيار ڪري وٺي ٿو. ٿر جي سونهن ۽ اتان جي ڏڪار واري صورتحال کي ارڏي جنهن انداز ۾ بيان ڪيو آهي، اهو پڙهندڙ جي اکين ۾ لڙڪ آڻي ڇڏي ٿو. هتي هو لکي ٿو ته برسات بنا ٿر بر هو يا خدا، روپلي ڪولهي جا گس ۽ داستان. ليکڪ رڳو واريءَ جي ڀٽن جي سونهن بيان نٿو ڪري، پر کيس ٿر جي امر روپلي ڪولهيءَ جي قرباني ۽ سرفروشيءَ جا داستان ياد اچن ٿا. هو تاريخ جي پاتال مان وطن جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ سورمن کي ڳولي ڪڍي ٿو ۽ کين ڀيٽا پيش ڪري ٿو. ويرواهه جي خوبصورتي ۽ تاريخي ماڳن جي زبون حالي تي ليکڪ جو ڏک اکرن جي روپ ۾ پني تي وکريل نظر اچي ٿو.

ارڏو اترادي پنهنجي هن سفر جي سمورن واقعن، مشاهدن ۽ آثارن کي وڏي ساهه سان سانڍي، پنهنجي ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪندو رهيو آهي. هن ڪتاب جو اسلوب بنهه سادو، روان ۽ عام فهم آهي پر ان سادگيءَ ۾ به هڪ ادبي چاشني ۽ گهرائي آهي. نثر جي وچ ۾ شاعراڻيون سٽون ڪتاب جي حسن کي ٻيڻو ڪري ڇڏين ٿيون. ليکڪ جي ٻوليءَ تي مڪمل دسترس آهي، ۽ هو اترادي لهجي جي مٺاس سان گڏ سڄي سنڌ جي ثقافتي رنگن کي سميٽڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.

مجموعي طور تي هي ڪتاب ”ماڳ، ماڻهو ۽ منظر“ سنڌ جي سماجي اڀياس جو هڪ لازوال دستاويز آهي. جيڪو اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو، اسان کي پنهنجي ماڳن جي حفاظت ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو ۽ اسان جي اندر ۾ پنهنجي ماڻهن لاءِ همدردي پيدا ڪري ٿو. ارڏو اترادي هن شاهڪار ڪتاب لکڻ تي مبارڪباد جو حقدار آهي. پيڪاڪ پبلشرز ڪراچي پڻ جس لهي، جنهن هن ڪتاب کي سهڻي انداز ۾ ڇاپي پڙهندڙن تائين پهچايو آهي.

You might also like