لاڙڪاڻي جي ڌرتي مردم خيز ڌرتي آھي ھن سرزمين تي ڪيترائي وڏا ماڻھو پيدا ٿيا جن پھنجي خدمتن جي ڪري نه فقط پنھنجو پر پنھنجي وطن سنڌ ۽ پاڪستان جو به نالو مٿانهون ڪيو لاڙڪاڻي جي ڌرتي تي (موھن جي دڙي) جي عظيم تھذيب موجود آھي . جنھن تھذيب جو مقابلو اڄ به دنيا ۾ نٿو ڪري سگھجي. ھڪ سڌريل تھذيب جنھن کي ڏسي ماڻھو اچرج ۾ ٿا اچي وڃن . ڇاڪاڻ ته جڏھن دنيا جي ڪيترن ملڪن جي ماڻھن کي رھڻ جي جاين ٺھرائڻ جي ۽ سڌريل تھذيب جي خبر ڪونه ھئي تڏھن سنڌ ماٿري جي ھي عظيم تھذيب ست ھزار سال اڳ به جيئڻ جي بنيادي مول متن کان واقف ھئي. لاڙڪاڻي کي فخر آهي جو شھيد ذوالفقارعلي ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو جو تعلق به ھن سرزمين سان آھي جن کان سواءِ نه صرف سنڌ بلڪه پاڪستان جي سياسي تاريخ نامڪمل آھي
اھڙي ئي ڌرتي تي سنڌ جو هڪ املھه ھيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به پيدا ٿيو تاج محمد صاحب سياست ، صحافت ، ادب ، آزادي جي شمع جو پروانو، ناميارو وڪيل ، بھترين منصف يعني ڪامياب جج به ھو . سندس ڪيل ڪارنامن ۽ خدمتن جو جڏھن جائزو وٺون ٿا ته محسوس ٿي ٿو ته هو صاحب شاگردي جي زماني کان وٺي سرگرم ھو ڪراچي ۾ جڏھن تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پھتو جنھن وقت ڪراچي ادبي ، سياسي ۽ ترقي پسند تحريڪن جي مرڪز ھئي ڪراچي ۾ مسلم ليگ ، ڪانگريس ، ڪميونسٽ پارٽي ، جون آفيسون ھونديون ھيون ۽ ڏيا رام ڄيٺمل ڪاليج قومي تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ شاگردن جو مرڪز ھو ٽريڊ يونين جي آفيس به سرگرم ھوندي ھئي.
ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي سڀ کان اول ڪميونسٽن سان دوستي ٿي جنھن جي ڪري مٿس سوشلسٽ خيالن جو تمام گهڻو اثر ٿيو ان وقت ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ ، جمال الدين بخاري ، ڪامريڊ پوھو ، ڪيرت ٻاٻاڻي ، گوبند مالهي ، حشو ڪيول راماڻي ، شيخ اياز ، محمد ابراھيم جويو سرگرم ھئا . اھو ٻئي ماھا ڀاري جنگ جو دور ھو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به سنڌ مدرسي ۾ پڙھندو ھو تنھن وقت شاگرد تعليم به حاصل ڪندا ھئا ، ته وري نوڪريون به ڪندا هئا ، ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ھن ان دور جي مشھور قومي اخبار (الوحيد) ۾ به نوڪري ڪئي ۽ پوءِ وڪالت جو امتحان پاس ڪري لاڙڪاڻي ھليو ويو اتي قاضي فضل الله ، محمد حنيف صديقي ، خان بھادر يار محمد جوڻيجو ، شمس الدين ابڙو ، عبدالوحيد ڪٽپر وڪيل ھئا لاڙڪاڻي ۾ جلد ئي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنھنجي سياسي ۽ ادبي حيثيت حاصل ڪري ورتي تنھن وقت لاڙڪاڻي ۾ شام جو اڪثر وڌ ۾ وڌ ماڻھن جي اوطاقن تي ڪچھرين ڪرڻ جو رواج ھوندو ھو شروع شروع ۾ لاڙڪاڻي اندر حاجي نواب امير علي لاهوري ، عبدالغفور ڀرڳڙي ، محمد حنيف صديقي ، قاضي فضل الله ، خان بھادر محمد ايوب کهڙي ۽ ڪامريد تاج محمد ابڙي جون ڪچهريون مشھور ھونديون ھيون پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ ، ڪامريڊ علي محمد عباسي ، ڪامريڊ عبدالخالق آزاد ، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ ، مولوي نظير حسين جتوئي گھڻو ڪري موجود ھوندا ھئا وڏي ڳالهه ته تاج محمد ابڙو پاڻ دسترخوان جو نھايت ڪشادو به ھوندو ھو انڪري سموري سنڌ مان ڪارڪن گھڻو ڪري وٽس اچي رھندا ھئا کيس سنڌي ادب سان بيحد محبت ھوندي ھئي ۽ اھم ڳالهه اھا ته شھيد ذوالفقارعلي ڀٽو جڏھن سال 1952 ع ۾ ولايت کان وطن موٽي آيو ته ساڻس به تاج محمد ابڙي جو ڏاڍو محبت وارو رستو ۽ رشتو قائم ٿي ويو اھو ئي سبب ھيو جڏھن شھيد ذوالفقارعلي ڀٽو ملڪ جو صدر ٿيو ته ان سال 1972 ع ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي سيشن جج جي نوڪري به ڏني.
تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جي روشن شمع ھئي. ھن جي دم سان لاڙڪاڻي ۾ ادبي ، سياسي ۽ سماجي سرگرميون قائم ھيون . ڇاڪاڻ ته گھڻا تڙان ته لاڙڪاڻو ڇڏي وڃي ڪراچي ۽ حيدرآباد وسائي پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙي صاحب لاڙڪاڻي سان پنھنجو پيچ اٽڪائيندو آيو سندس ڪوششن سان لاڙڪاڻي شھر ۾ سال 1956 ع ۾ لاڙڪاڻي جي مشھور تجر باغ ۾ سنڌ جي عظيم صوفي شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ورسيءَ جو ھڪ شاندار پروگرام ٿيو ھو جيتوڻيڪ پروگرام سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي طرفان ڪيل ھو پر پروگرام جو سمورو خرچ ۽ بندوبست ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب پنھنجي ھڙان ۽ وڙان ڪيو.
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي جيترو به ياد ڪجي اھو گھٽ آھي. اڄ جي دنيا ۾ سچ پچ ته اھڙا املھه ماڻڪ موتي آھن ئي ڪونه جھڙوڪر اھي اھڙا پکي ھئا جيڪي اڏامي ويا ته ھاڻي ھر پاسي سچن ۽ کرن انسانن جي ڳولا آھي. ھر طرف نفسا نفسي جو دور آھي جو ھاڻ نه ته اھڙا جھونجھار ماڻھو رھيا ئي ناھن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ھڪ ناقابل فراموش ھڪ ناقابل وسارجندڙ شخص ھو لاڙڪاڻي جي ماڻھن کي کيس ياد ڪرڻ گھرجي ۽ لاڙڪاڻي جي سنڌي ادبي سنگت کي به کيس ياد ڪرڻ گھرجي شابس ھجي سندس لائق فرزند مير نادر علي ابڙو کي جيڪو ھر سال پنھنجي ھن عظيم والد ۽ سنڌ جي مھان شخص ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي ياد ڪري ٿو ھڪ بيباڪ ، بي بھا ، املهھ ، بھادر ، سچو ۽ کرو وطن دوست ، عوام دوست ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ کي سدائين ياد آھي ۽ انشاءَ الله سدائين ياد رهندو