” صوبا ڪيئن ٺهندا؟ “ ايميل ولي نقويءَ کان نون صوبن جو نقشو گهري ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي اڳواڻ سينيٽر ايميل ولي خان گهرو وزير محسن نقوي کان نون صوبن بابت نقشو پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
سينيٽ جي بين الصوبائي رابطن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي هي اجلاس ۾ سينيٽر ايميل ولي خان چيو ته محسن نقوي نون صوبن جي تجويز ڏني آهي، جڏهن ته صوبن وارو معاملو 28هين آئيني ترميم ۽ قومي مالياتي ايوارڊ (اين ايف سي) سان سڌيءَ ريت واڳيل آهي.
ايميل ولي خان چيو ته گهرو وزير کان پڇيو وڃي ته نون صوبن بابت تجويز سندس ذاتي راءِ آهي يا حڪومت جو موقف آهي.
هن چيو ته ”اسان بحث بند ڪرڻ نٿا چاهيون، پر رڳو نقشو اختيارن جي ورڇ جو متبادل نٿو بڻجي سگهي.“
اي اين پي اڳواڻ مطالبو ڪيو ته سندس ڳالهيون اجلاس جي منٽن ۾ شامل ڪيون وڃن ۽ محسن نقوي ڪميٽي آڏو واضح ڪري ته نوان صوبا ڪيئن ٺهندا ۽ انهن جو نقشو ڪهڙو هوندو.

You might also like