واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ملڪ ۾ ڄمڻ جي بنياد تي ملندڙ شهريت کي محدود ڪرڻ جي هڪ ٻي ڪوشش ڪئي آهي.
هي قدم اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ڪجهه هفتا اڳ سپريم ڪورٽ سندس اڳوڻي ڪوشش کي رد ڪري ڇڏيو هو، جنهن جو مقصد پيدائشي شهريت جو حق ختم ڪرڻ هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ٽرمپ خميس ڏينهن ٻن نون صدارتي حڪمن تي صحيحون ڪيون، جنهن ۾ هڪ حڪم تحت اهڙن غير شهري ماڻهن جي موجودا تعريف کي وڌايو ويو آهي، جن جي آمريڪا ۾ ڄمندڙ ٻارن کي پاڻمرادو شهريت نه ملي سگهندي.
ٻئي حڪم ۾ ”برٿ ٽورازم“ تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
ان اصطلاح مان مراد اهو عمل آهي، جنهن ۾ ڳورهاري عورتون آمريڪا اچن ٿيون ته جيئن سندن ٻار آمريڪا ۾ پيدا ٿين ۽ کين شهريت حاصل ٿئي.
اوول آفيس ۾ ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته ”هي ڪم ڪيترائي سال اڳ ٿيڻ گهرجي ها، پر هاڻي اسان اهو مسئلو حل ڪري رهيا آهيون.“
هن پيدائشي شهريت جي اٽڪل 150 سال پراڻي اصول کي ختم ڪرڻ واري پنهنجي اڳوڻي ڪوشش کي رد ڪرڻ تي سپريم ڪورٽ تي به تنقيد ڪئي.
پهرين صدارتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته انتظاميا انهن خطرن خلاف تحفظ فراهم ڪندي رهي آهي، جيڪي اهڙن پرڏيهي عنصرن طرفان پيدا ٿين ٿا، جيڪي آمريڪا جي سهولتن مان لاڀ ماڻي شهرين کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
حڪم موجب، آمريڪا ۾ پيدا ٿيندڙ اهڙن ٻارن کي شهريت نه ڏني ويندي، جن جا ٻئي والدين پرڏيهي هوندا ۽ انهن مان ڪو هڪ:
ڪنهن غير ملڪي دهشتگرد تنظيم جو ميمبر هجي،ڪنهن غير ملڪي حڪومت جو ملازم هجي،دوکي يا ٺڳيءَ ذريعي شهريت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري چڪو هجي يا اهڙي علائقي ۾ رهندڙ هجي جتي وفاقي قانون تحت پيدائشي شهريت لاڳو نه هجي.
واضح رهي ته پورٽو ريڪو جهڙن آمريڪي علائقن ۾ جنم وٺندڙ ماڻهن جي شهريت وفاقي قانون تحت تسليم ٿيل آهي.
ٽرمپ ۽ سندس انتظاميا جا ٻيا عملدار ڪيترائي ڀيرا ”ڀرٿ ٽورازم“ تي تنقيد ڪري چڪا آهن. انهن روس ۽ چين جهڙن ملڪن جي شهرين تي به الزام لڳايو آهي ته اهي پيدائشي شهريت واري قانون مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
ٽرمپ خميس ڏينهن دعويٰ ڪئي ته آمريڪا ۾ برٿ ٽورازم ذريعي لکين ٻار پيدا ٿي چڪا آهن.
ان باوجود غير جانبدار تحقيقاتي اداري موجب، هر سال لڳ ڀڳ 22 هزار کان 26 هزار ٻار آمريڪا ۾ برٿ ٽورازم ذريعي پيدا ٿين ٿا، جڏهن ته سرڪاري انگن اکرن موجب 2024ع ۾ پرڏيهي مائرن وٽ ڄاول اهڙن ٻارن جو انگ لڳ ڀڳ 9600 هو.
وائيٽ هائوس جي پاليسي بابت نائب چيف آف اسٽاف ۽ هوم لينڊ سيڪيورٽي صلاحڪار اسٽيفن ملر چيو ته مسئلو اهو آهي ته ڪجهه ماڻهو سياح يا مهمان بڻجي آمريڪا اچن ٿا، پر سندن اصل مقصد ٻار پيدا ڪرڻ ۽ ان کي پاڻمرادو آمريڪي شهريت ڏيارڻ هوندو آهي.
ملر موجب، اهي ٻار مستقبل ۾ شهريت جي بنياد تي سرڪاري سهولتن، ووٽ ڏيڻ جي حق ۽ ٻين قانوني حقن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.
هن چيو ته اميگريشن اينڊ نيشنلٽي ايڪٽ جي هڪ شق تحت صدر کي ملڪ ۾ داخلا جي ضابطن ۽ ڇوٽ واري حالتن بابت اختيار حاصل آهي ۽ انهي بنياد تي برٿ ٽورازم تي پابندي لڳائي سگهجي ٿي.
ياد رهي ته 2025ع ۾ اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ ٽرمپ پهريون ڀيرو هڪ صدارتي حڪم ذريعي آمريڪي آئين جي 14هين ترميم تحت ملندڙ پيدائشي شهريت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر ان قدم کي قانوني چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ اهو لاڳو نه ٿي سگهيو.
پرڏيهي ڳورهاريون عورتون سياحتي ويزا تي آمريڪا گهمڻ نه، ٻار ڄڻڻ اچن ٿيون ته جيئن هتان جي شهريت ملي: ٽرمپ
You might also like