ڪڏهن به شادي نه ڪنديس، ڪنهن هڪ شخص کي برداشت ڪرڻ جي سهپ ناهي: اميشا پٽيل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا اميشا پٽيل شادي نه ڪرڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو.
ويجهڙ اميشا پٽيل سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي مداحن لاءِ سوال جوابن وارو سيشن رکيو.
ان دوران هڪ مداحن کانئس سوال ڪيو ته ”توهان شادي ڪڏهن ڪري رهيا آهيو؟“
جنهن تي اداڪارا مزاحيه انداز ۾ جواب ڏيندي لکيو ته ”ڪڏهن به نه، مان اڪيلي ئي تمام گهڻي خوش آهيان، منهنجي ڪٽنب جي ويجهن ماڻهن ۽ دوستن تي ٻڌل 100 اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي مون سان محبت ڪن ٿا.“
هن وڌيڪ لکيو ته ”مان ڪنهن هڪ شخص کي برداشت نٿي ڪري سگهان ته اهو منهنجي زندگيءَ ۾ اچي ۽ سڀ ڪجهه تبديل ڪري ڇڏي.“

You might also like