بئنڪاڪ (ويب ڊيسڪ) ٿائيلينڊ جي راڄڌاني بئنڪاڪ ويجهو هڪ اسڪول اندر فائرنگ جي واقعي ۾ 5 استاد مارجي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، مقامي وقت موجب صبح 10 وڳي ”ڊيبسرين اسڪول“ ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو.
مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته فائرنگ ڪندڙ شڪي جوابدار 14 ورهين جو ڇوڪرو آهي، جنهن اسڪول وڃڻ کان اڳ پنهنجي گهر ۾ ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ کي به قتل ڪيو.
پوليس موج، شڪي نوجوان 9 ايم ايم پسٽل استعمال ڪيو، جيڪو سندس ڏاڏي جو هو، جڏهن ته سندس قبضي مان گهٽ ۾ گهٽ 34 گولين جا رائونڊ پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.
پوليس شروعاتي طور ٻڌايو هو ته فائرنگ ڪندڙ شڪي ڇوڪرو به مارجي ويو آهي، جڏهن ته اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي اصل سبب بابت اڃا تائين ڪا حتمي ڄاڻ سامهون نه اچي سگهي آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.
فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙ گهٽ ۾ گهٽ 15 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جن مان ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
ان واقعي کانپوءِ ٿائيلينڊ ۾ هٿيارن جي ڪنٽرول بابت بحث ٻيهر تيز ٿي ويو آهي، ڇو ته ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ هٿيار رکڻ جي شرح جي لحاظ کان ٿائيلينڊ انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي هٿيارن جو انگ وڌيڪ آهي.
You might also like