ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي فلاحي اداري ايڌي فائونڊيشن جي عهديدار سعد ايڌي پوليس کي درخواست جمع ڪرائي آهي، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ قائم ايڌي هوم ۾ ڌاڙو لڳو، جنهن دوران 65 لک رپيا ڦر ڪيا ويا.
سعد ايڌي موجب، ڦر ڪيل رقم 200 ملازمن جي پگهارن لاءِ هئي.
سندس چوڻ هو ته ايڌي فائونڊيشن ۾ رقم پهچڻ کان ٿوري ئي دير بعد ان جي ورڇ جو عمل شروع ڪيو ويندو آهي.
هن چيو ته رقم پهچڻ کانپوءِ منجهند ساڍي ٽين وڳي ڌاري ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار چار هٿياربند آيا ۽ 65 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
سعد ايڌي شڪ ظاهر ڪيو ته ڦورو سموري صورتحال کان واقف هئا، ان ڪري رقم پهچندي ئي فوري طور ايڌي هوم پهچي ويا.
سندس چوڻ واردات ۾ ڪنهن موجوده يا اڳوڻي ملازم جي ملوث هجڻ جو امڪان آهي، ڇاڪاڻ ته ڦورو سڌو سندس ئي آفيس ۾ پهتا، جتي رقم رکيل هئي.
Next Post
You might also like