تل ابيب (ويب ڊيسڪ)ايراني حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۾ ناڪامي کانپوءِ اسرائيلي ڳجهي اداري موساد جي سربراهه ٻن سينيئر عهديدارن کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو آهي.
اسرائيلي ميڊيا رپورٽن موجب، برطرف ڪيل عهديدارن ۾ انٽيليجنس ڊائريڪٽوريٽ جو سربراهه ۽ ايران ڊويزن جو سربراهه شامل آهن.
رپورٽن موجب، اهي ٻئي عهديدار ايران ۾ حڪومتي تبديلي بابت هڪ منصوبي جي تياري ۾ شامل هئا، جنهن جو مقصد مبينا طور تي مختلف گروهن جي مدد سان ايران ۾ ملڪ گير احتجاجن کي هٿي ڏئي اسلامي جمهوريه حڪومت کي ختم ڪرڻ هو.
اسرائيلي ميڊيا موجب، ٻنهي عهديدارن ان منصوبي جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي جو منهن ڏيڻو پيو، جنهن سبب موساد جي سربراهه کين عهدن تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو.
رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهي فيصلا موساد جي سربراهه طرفان اداري اندر وڏي پيماني تي تنظيمي تبديلين جو حصو آهن.