سون اگهه ۾ بنا بريڪ واڌ، ٽن ڏينهن ۾ تولو 26 هزار رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ به وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 5100 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 4 لک 54 هزار 336 رپين جو ٿي ويو.
عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون جي قيمت ۾ 51 ڊالرن جي واڌ سان 4319 ڊالر تي پهچي وئي آهي.
ياد رهي ته گذريل ٽن ڏينهن کان سون جي اگهه ۾ مسلسل واڌ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته ٽن ڏينهن دوران في تولو سون مجموعي طور 26 هزار 400 رپيا مهانگو ٿي چڪو آهي.

You might also like