باغ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نظام ناڪام ناهي ٿيو، پر ناڪام ڪرايو ويو آهي. جيستائين عوام جي حاڪميت تسليم نه ڪئي ويندي، تيستائين نظام صحيح نموني نه هلي سگهندو. جيستائين اهو نه مڃيو ويندو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي، تيستائين نظام اهڙي ئي طريقي سان هلندو رهندو.
آزاد ڪشمير جي ضلعي باغ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ جيڪڏهن عوام جو فيصلو آهي ته پيپلز پارٽي ساٿ ڏيندي ۽ جيڪڏهن نوان صوبا ٺاهڻ عوام جو فيصلو ناهي ته پيپلز پارٽي ساٿ نه ڏيندي.
بلاول ڀٽو چيو ته اسلام آباد ۾ حڪومت خطري ۾ آهي ۽ اُبتي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي، اها اُبتي ڳڻپ پيپلز پارٽي نه پر سندن پنهنجن ماڻهن شروع ڪئي آهي.
هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي ويڙهه پيپلز پارٽي سان ناهي، اصل ويڙهه ڪجهه ٻي آهي.
وزيراعظم جي چوڌاري ماڻهن جون نيتون صاف ناهن، نون ليگ جو هڪ خاص حصو وزيراعظم کي رڳو اپوزيشن سان نه پر اتحادين سان به ويڙهائڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته اصل ويڙهه اسلام آباد ۽ لاهور جي وچ ۾ آهي، جيڪو سندن خاندان جو پنهنجو مسئلو آهي.
بلاول ڀٽو چيو ته پ پ جي اميدوار ۽ آزاد ڪشمير جي صدر تي حملا ڪو اتحادي نٿو ڪري، ڌانڌلي ۽ رت سان ڀريل چونڊون اسان کي قبول ناهن.
هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي ڀُل آهي ته مظفرآباد ۾ حڪومت ٺاهي وٺندي، اهي نه ٽروٿ ڪميشن ٺاهڻ لاءِ تيار آهن ۽ نه شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهن. جيڪڏهن نظام ناڪام ٿي چڪو آهي ته ان جو وڏو مثال آزاد ڪشمير آهي.
پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته ڪشمير جي تاريخ ۾ ايترو ڏکيو وقت ڪڏهن ناهي آيو، جيترو اڄ آهي، ڪڏهن ناهي ڏٺو ته 50، 50 ڏينهن تائين انٽرنيٽ ۽ رستا بند هجن، ڏکيو وقت انهن ماڻهن لاءِ آهي، جيڪي ڪاروبار ڪرڻ ۽ معمول جي زندگي بحال ڪرڻ چاهين ٿا.
بلاول ڀٽو چيو ته سمورن مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ڪڍي سگهجي ٿو، آزاد ڪشمير اسيمبلي به سچائي ۽ مفاهمتي ڪميشن جي قيام جو ٺهراءُ منظور ڪيو آهي، ڪميشن جي قيام تائين احتجاج ڪندڙ احتجاج ۽ ڪارروائي ڪندڙ ڪارروايون بند ڪن.
هن چيو ته ”مون کي ته اپوزيشن ڪرڻ جو شوق آهي، جيڪڏهن مان اپوزيشن ۾ هجان ها ته کين خبر پئجي وڃي ها.“
بلاول ڀٽو چيو ته ڪشمير هڪ آهي ته چونڊون به هڪ ئي ڏينهن ٿيڻ گهرجن ها، تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪشمير ۾ 6 مرحلن ۾ چونڊون ناهن ٿيون.
You might also like