ٽن وڏن جي ويهڪ، حڪومت کي 3 مهينن جي مهلت؟

اسلام آباد/لاهور (امداد سومرو) ملڪي معاملن تي ٽن وڏن جي ملاقات ۾ حڪومت کي ڪجهه باخبر ذريعن ۽ سينيئر صحافين موجب تازن ڏينهن ۾ اعليٰ سطح تي ٿيل هڪ اهم مشاورتي ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال، حڪومتي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي سياسي لائحه عمل تي تفصيلي غورڪيو ويو. انهن ئي ذريعن جو دعويٰ آهي ته حڪومت کي ڏنل مبينه مهلت محدود ٿي چڪي آهي ۽ ايندڙ ٻن کان ٽن مهينن دوران اهم سياسي فيصلن جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي۔ ساڳئي تناظر ۾ نون انتظامي يونٽن يا نون صوبن جي قيام جي بحث به هڪ ڀيرو ٻيهر شدت اختيار ڪري ويو آهي۔ ذريعن موجب هن معاملي کي رڳو هڪ سياسي تجويز بدران هڪ اهم انتظامي ضرورت قرار ڏنو پيو وڃي ۽ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ ان حوالي سان اڳڀرائي ممڪن آهي، جڏهن ته هن دعويٰ جي به سرڪاري سطح تي ڪا تصديق موجود ناهي۔ ٻي طرف وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي تازي بيانن کي به سياسي حلقن ۾ غير معمولي اهميت ڏني پئي وڃي۔ موجوده نظام کي ناڪام قرار ڏيڻ ۽ مختلف وزارتن جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ جي ضرورت تي زور ڏيڻ کي حڪومتي ڪارڪردگي تي هڪ اڻ اعلانيل تنقيد طور ڏٺو پيو وڃي۔ هڪ طرف وزيراعظم شهباز شريف حڪومتي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪابينا جي اهم رڪن طرفان نظام ۾ بنيادي سڌارن جي ضرورت تي زور ڏيڻ سياسي حلقن ۾ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي رهيو آهي۔ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مستقبل جي ڪردار بابت به مختلف رايا سامهون اچي رهيا آهن۔ جيڪڏهن نون انتظامي يونٽن يا نون صوبن جي قيام جي رخ ۾ اڳڀرائي ٿئي ٿي ته سنڌ بابت ڪنهن به ممڪن انتظامي تبديلي تي پيپلز پارٽي سخت موقف اختيار ڪري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته اها ماضي ۾ به سنڌ جي ورهاست جي مخالفت ڪندي رهي آهي۔ اهڙي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي حڪومتي اتحاد کان الڳ ٿي اپوزيشن ۾ ويهڻ کي ترجيح ڏئي سگهي ٿي ته جيئن اها سنڌ جي معاملي تي پنهنجي سياسي پوزيشن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهي، جڏهن ته هن حوالي سان به پارٽي قيادت طرفان ڪو باقاعده موقف سامهون ناهي آيو۔ ٻي طرف آئيني ماهر هن ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته آئين جي آرٽيڪل 239 تحت نون صوبن جي قيام لاءِ پارليامينٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت ۽ لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي جي منظوري لازمي آهي۔ انهيءَ ڪري جيڪڏهن حڪومتي اتحادي هن معاملي تي متفق نه ٿيا ته پارليامينٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي حمايت اهميت اختيار ڪري سگهي ٿي۔ ساڳئي تناظر ۾ ڪجهه حلقا اهو سوال به اٿاري رهيا آهن ته ڇا مستقبل ۾ ڪنهن ممڪن آئيني ترميم يا نئين انتظامي ڍانچي جي جوڙجڪ لاءِ سياسي مفاهمت جا نوان رستا کلي سگهن ٿا، جڏهن ته هن بابت به ڪا تصديق ٿيل اڳڀرائي سامهون ناهي آئي۔ مسلم ليگ (ن) جي اندروني حالتن بابت به مختلف دعوائون ڪيون پيون وڃن۔ پارٽي جي چونڊيل نمائندن ۾ حڪومتي ڪارڪردگي ۽ عوامي رابطن بابت بيچيني موجود آهي ۽ ڪجهه اڳواڻ اهو محسوس ڪن ٿا ته انتظامي معاملن تي سندن اثر و رسوخ اڳ وانگر نه رهيو آهي۔ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف بظاهر خاموش آهن، جڏهن ته انهن کي مستقبل جي سياسي حڪمت عملي ۾ اهم ڪردار جو حامل سمجهيو پيو وڃي۔

You might also like