ميرٽ تي لتاڙ خلاف تحريڪ جاري، انقلابي گيتن جي گونج

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف انقلابي گيتن ۽ نعرن سان تحريڪ جاري رھي، سنڌ پبلڪ سروس  ڪميشن جي سيڪريٽريٽ آڏو ٿڌي سڙڪ تي احتجاجي ڪيمپ تي چوڏھين ڏينھن وڪيلن ۽ سماج جي تبديلي لاءِ جاکوڙيندڙ عورتن  وڏي  انگ ۾  شرڪت ڪئي، ڪيمپ تي ميرٽ  جي لتاڙ خلاف نعرن سان گڏ سنڌ وطن جا گيت ڳائي قومي جدوجھد سان گڏ ھجڻ جو وچن ورجايو ويو ان موقعي تي سماجي ڪارڪنن شيخ عبدالله ڪوھستاني، ايڊووڪيٽ مسڪان، سيد صدف شاھ ۽ ٻين احتجاجي ڪئمپ تي پھچي متاثر شاگردن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف متاثر شاگردن جي احتجاج کي چوڏھون  ڏينھن ٿي ويو آھي پر افسوس اڃا تائين  سنڌ حڪومت  جي ذميوار وزيرن  نوٽيس ناھي ورتو، شاگرد پنھنجي جائز حقن لاءِ پرامن احتجاج ڪن پيا، اسان انھن سان گڏ آھيون، جڏھن ته احتجاج تي ويٺل شاگردن ذبيع الله مستوئي، وجاھت علي ٻين چيو ته پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ ۽ امتحاني نتيجن ۾ ھيرا ڦيري خلاف سندن پرامن احتجاج جاري رھندو.

You might also like