مٺي(رپورٽ:غازي بجير)خوراڪ کاتي مٺي ۾ بئنڪ جي مبينا جعلسازي ذريعي ڪڻڪ جا 11 ڪروڙ 55 لک روپين جي ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل فوڊ انسپيڪٽر ڪرشن لوهاڻو معطل، اينٽي ڪرپشن ٽيم جو خوراڪ کاتي جي آفيس تي ڇاپو،ريڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو، عملو آفيس ڇڏي فرار ٿي ويو،مٺي ۾ خوراڪ کاتي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو اسڪينڊل سامهون اچڻ بعد اينٽي ڪرپشن جاچ تيز ڪري ڇڏي، مٺي ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر خدا بخش لغاري جي اڳواڻي ۾ ٽيم خوارڪ کاتي جي ضلعي آفيس ۽ ٽريزري آفيس تي ڌار ڌار ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي اينٽي ڪرپشن کاتي جي ٽيم جي ڇاپن دوران الزام هيٺ آيل فوڊ انسپيڪٽر ڪرشن لال لهاڻو ۽ ٻيا ذميوار آفيسر اڳواٽ فرار ٿي ويا، اينٽي ڪرپشن کاتي جي ٽيم جعلسازي وارو رڪارڊ تحويل ۾ وٺڻ بعد ضلع اڪائونٽ آفيس مٺي پڻ ضروري رڪارڊ هٿ ڪري ورتو، جڏهن ته اينٽي ڪرپشن ٿرپارڪر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر خدابخش لغاري چيو ته ٿر ضلعي جي فوڊ گدام تان 11 ڪروڙ 55 لک روپين جي وڪرو ڏيکاريل ڪڻڪ جي رقم سرڪاري اڪائونٽ ۾ جمع نه ٿي آهي ۽ بئنڪ جا جعلي چالان رڪارڊ ۾ رکيا ويا آهن، اسان کي اختيارين جاچ جو حڪم ڏنو آهي اسان معاملي جي شفاف جاچ ڪري رهيا آهيون، الزام هيٺ آيل آفيسرن رڪارڊ ڏيڻ ۾ سهڪار نه ڪيو انڪري ڇاپا هنيا اٿئون،گدامن مان جعلسازي ذريعي ڪروڙين روپين جي ڪڻڪ خردبرد جي الزام هيٺ آيل فوڊ انسپيڪٽر ڪرشن لال لهاڻو ۽ ٻين جا بيان پڻ قلمبند ڪنداسين سهڪار نه ڪيو ته گرفتار به ڪري سگهجي ٿو،هوڏانهن خوراڪ کاتي سنڌ جي ڊائريڪٽر الله ڏنو چنا مٺي جي فوڊ انسپيڪٽر ڪرشن لال لوهاڻو کي جعلسازي ذريعي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جي الزام ۾ معطل ڪري ڇڏيو ۽ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر عبدالستار ميمڻ خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي.