وومينز ايشيا ڪپ جو شيڊيول پڌرو، سڀ کان وڏو پاڪ-ڀارت مقابلو 5 سيپٽمبر تي ٿيندو

دبئي (ويب ڊيسڪ) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) وومينز ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ 2026ع جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب ٽورنامينٽ 28 آگسٽ کان دبئي ۾ شروع ٿيندي.
اٺ ٽيمن تي ٻڌل ٽورنامينٽ جي شروعات گروپ اي جي مقابلي سان ٿيندي، جنهن ۾ هانگ ڪانگ (چائنا) ۽ ٿائيلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.
ميگا ايونٽ جو سڀ کان وڏو دنگل ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ميچ 5 سيپٽمبر تي دبئي ۾ ٿيندو.
ٽورنامينٽ جون هڙئي ميچون رات جي روشني هيٺ کيڏيون وينديون، جڏهن ته فائنل 13 سيپٽمبر تي ٿيندو.
شيڊيول موجب، سڀئي ميچون دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ مقامي وقت موجب شام ساڍي ڇهين وڳي شروع ٿينديون.
گروپ بي ۾ سريلنڪا ۽ بنگلاديش وچ ۾ مقابلو 6 سيپٽمبر تي ٿيندو، جڏهن ته انڊونيشيا ۽ ميزبان گڏيل عرب امارات (يو اَي اِي) به ساڳئي گروپ ۾ شامل آهن.
گروپ مرحلي ۾ هر ٽيم هڪ ٻئي خلاف هڪ ميچون کيڏندي، جنهن کانپوءِ ٻنهي گروپن مان ٽاپ ٻه ٽيمون سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون.
سيمي فائنل مقابلا 10 ۽ 11 سيپٽمبر تي ٿيندا، جڏهن ته فائنل 13 سيپٽمبر تي کيڏيو ويندو.
هي وومينز ايشيا ڪپ جو ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ ڇهون ايڊيشن آهي، جڏهن ته سريلنڪن وومين ٽيم پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندي.

You might also like