ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي بيان کي وڌيڪ اهميت نه ڏني وڃي، نوان صوبا ٺاهڻ جو طريقو آئين ۾ واضح طور موجود آهي، جيڪي ماڻهو نظام کي ناڪام چون ٿا، انهن کي هڪ ڀيرو ٿر جو دورو ڪرڻ گهرجي.
ڪراچي ۾ مائننگ ٽيڪنيڪل ڪانفرنس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ هي پهرين اهڙي مائننگ ٽيڪنيڪل ڪانفرنس آهي، جيڪا هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي.
ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته هن تقريب ۾ صنعت، اڪيڊمين ۽ ٽيڪنالاجي جا ٽي اهم شعبا گڏ ٿيا آهن، جڏهن ته ان جو مقصد عالمي تجربن مان سکندي معدنيات جي شعبي ۾ جدت آڻڻ آهي.
هن چيو ته پاڪستان معدني وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي، پر ان شعبي جون گهڻيون صلاحيتون اڃا مڪمل طور استعمال ناهن ٿيون. سندس چوڻ هو ته معدنيات واري شعبي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ سيڙپڪاري، جديد ٽيڪنالاجي ۽ بهتر پاليسين جي ضرورت آهي.
وڏي وزير چيو ته 2008ع ۾ سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت جديد مائننگ فريم ورڪ متعارف ڪرايو، جنهن جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.
هن چيو ته ٿر ۾ هن وقت ڪوئلي جا ٻه وڏا بلاڪ پيداوار ڏئي رهيا آهن، جتان اٽڪل 2640 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، جڏهن ته حڪومت ان صلاحيت کي وڌائي 3000 ميگاواٽ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.
مراد علي شاهه چيو ته ٿر جي ڪوئلي جي بلاڪن مان هر سال 15 ملين ٽن کان وڌيڪ ڪوئلو ڪڍيو پيو وڃي، جنهن سبب مقامي ڪوئلي جي استعمال سان ملڪ کي هر سال لڳ ڀڳ 1.5 ارب ڊالر جي متبادل ايندھن جي بچت ٿي رهي آهي.
نقوي جي بيان کي اهيمت نه ٿو ڏيان، نوان صوبا ٺاهڻ جو طريقو آئين ۾ واضح آهي: وڏو وزير
You might also like