ايراني حڪومت مخالف فٽبال رانديگرياڻيون آسٽريلوي شهري بڻجي ويون

برسبين(ويب ڊيسڪ) حڪومت مخالفت ايراني وومين قومي فٽبال ٽيم جون ٻه رانديگرياڻيون، عاطفه رمضاني زادا ۽ فاطمه پسنديدا، آسٽريليا جي شهريت حاصل ڪري ورتي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب،34 ورهين جي عاطفه رمضاني زادا ۽ 22 ورهين جي فاطمه پسنديدا کي آسٽريليا جي رياست ڪوئنزلينڊ جي شهر برسبين ۾ ٿيل هڪ تقريب دوران آسٽريليا جي شهريت ڏني وئي.
شهريت واري تقريب ۾ آسٽريليا جي گهرو وزير ٽوني برڪ پڻ شرڪت ڪئي، جنهن ٻنهي رانديگرياڻين کي شهريت جا سرٽيفڪيٽ ڏنا.
آسٽريلوي شهري بڻجڻ کانپوءِ عاطفه رمضاني زادا ان موقعي کي پنهنجي زندگي جو انتهائي خاص ۽ نه وسارڻ جوڳو ڏينهن قرار ڏنو، جڏهن ته فاطمه پسنديدا چيو ته هوءَ هن گهڙيءَ جي اهميت کي لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهي.
فاطمه پسنديدا چيو ته هي سندس زندگي جي نئين شروعات آهي ۽ کيس فخر آهي ته هاڻي هوءَ آسٽريليا کي پنهنجو گهر چئي سگهي ٿي.
عاطفه رمضاني زادا چيو ته ڪيترن ئي ڏکين مرحلن مان گذرڻ باوجود اڄ آسٽريليا جي شهريت حاصل ڪرڻ سندس لاءِ تمام گهڻي خوشي ۽ شڪرگذاري جو سبب آهي.
ٻئي رانديگرياڻيون هاڻي آسٽريليا جي وومين پروفيشنل فٽبال ليگ اي ليگ وومين جي ڪلب برسبين روئر مان تربيت حاصل ڪري رهيون آهن ۽ مستقبل ۾ به پنهنجو فٽبال ڪيريئر آسٽريليا ۾ جاري رکڻ جو ارادو رکن ٿيون.
واضح رهي ته هي ٻئي رانديگرياڻيون انهن ستن ايراني قومي ٽيم جي ميمبرن ۾ شامل هيون، جيڪي وومينز ايشين ڪپ لاءِ آسٽريليا پهتيون هيون ۽ بعد ۾ کين انساني همدردي جي بنياد تي ويزائون ڏنيون ويون هيون.
ان کانپوءِ ٻين پنج رانديگرياڻين ايران واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته عاطفه ۽ فاطمه آسٽريليا ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني.
رپورٽن موجب، ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ واري صورتحال دوران قومي تراني وقت چُپ رهڻ سبب خدشو ظاهر ڪيو ويو هو ته وطن واپسي تي کين قانوني ڪارروئي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
آسٽريليا ۾ رهندڙ ايراني برادري جي مطالبن کانپوءِ اختيارين رانديگرياڻين کي پناهه لاءِ درخواست ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪيو، جنهن مان رڳو عاطفه رمضاني زادا ۽ فاطمه پسنديدا لاڀ ورتو.
هي اڳڀرائي اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن آسٽريليا جي حڪومت اميگريشن پاليسي وڌيڪ سخت ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. تجويز ڪيل نون قانونن تحت پناهه گهرندڙن جي ڪم ڪرڻ ۽ اپيل جي حقن کي محدود ڪرڻ سميت ڪجهه ويزائن تي به پابنديون لاڳو ڪرڻ جون تجويزون شامل آهن.

You might also like